| پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو صحافين تي تشدد: ڊي ايس اين جيز تي حملا |
ڪراچي: پي ٽي آءِ جي مڇريل ڪارڪنن صحافين، ڪيمرامينز تي تشدد ڪيو، ڊي ايس اين جيز جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا. ڪرائيم رپورٽر ايسوسيئيشن (سي آر اي) جي ترجمان موجب مڇريل ڪارڪنن صحافي صولت جعفري ۽ حمنه نثار کي به تشدد جو نشانو بڻايو، 4 ڪيمرامينز توڙي ڊي ايس اين جي آپريٽرز کي مارڪٽ ڪئي، مختلف ٽي وي چينلز جي ڊي ايس اين جيز جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا. ترجمان مطالبو ڪيو ته ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.