پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ پوليس ۾ سڄو ڏينهن چڪريون: لٺبازي: 30 گرفتار: سپاهي زخمي 

پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ پوليس ۾ سڄو ڏينهن چڪريون: لٺبازي: 30 گرفتار: سپاهي زخمي 

ڪراچي: پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ پوليس نمائش چورنگي ۽ باغ جناح تي سڄو ڏينهن چڪريون هلنديون رهيون، پوليس لاٺي چارج ڪري 30 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو، موٽ ۾ مڇريل ڪارڪنن به پوليس تي پٿراءُ ڪيو، جنهن ۾ هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو، شام جي وقت پوليس نمائش چورنگي تان واپس ٿي، جڏهن ته ڪارڪن پڻ باغ جناح ۾ داخل ٿيا، ڪارڪنن رستن تي پيل ڪنٽينر به هٽائي ڇڏيا، هوڏانهن پي ٽي آءِ اڳواڻن الزام هنيو ته پوليس جلسي کي ناڪام ڪرڻ لاءِ سڄي رات ۽ ڏينهن جو ڪارڪنن خلاف وٺ پڪڙ جاري رکي، شيلنگ پڻ ڪئي وئي، باغ جناح ۾ بيٺل گاڏين جا شيشا ٽوڙيا ويا.