پي ٽي آءِ ڪورنگي جو ڪنوينشن: پوليس چڙهائي: ڪارڪن گرفتار

پي ٽي آءِ ڪورنگي جو ڪنوينشن: پوليس چڙهائي: ڪارڪن گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪورنگي ۾ پي ٽي آءِ جو ڪنوينشن، پوليس ڪيترن ئي ڪارڪنن کي حراست ۾ ورتو، ان ڏس ۾ تحريڪ انصاف ڪراچي جي صدر راجا اظهر  هڪ بيان ۾ الزام هنيو آهي ته پوليس پي ٽي آءِ جي ڪورنگي ڪنوينشن تي چڙهائي ڪري يوسي چيئرمين سعد اچڪزئي، ڪورنگي جي صدر ملڪ نعمان، وليد هاشمي سميت ڪيترن ئي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي حراست ۾ ورتو. هن چيو ته هي جمهوريت نه پر سول آمريت جو دور آهي، حڪومت فاشزم جون سڀ حدون پار ڪري چڪي آهي، جمهوريت جا دعويدار حڪمران اصل ۾ عوام جي طاقت کان ڊڄن ٿا. هن چيو ته پي ٽي آءِ انهن ظلمن خلاف سڄي ڪراچي ۾ سخت احتجاج ڪندي.