پي ٽي آءِ ڪي پي جا ٻه اهم اڳواڻ پيپلزپارٽي ۾ شامل

جُون 2, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) خيبر پختونخواهه مان چونڊيل تحريڪ انصاف جي ايم اين اي جواد حسين ۽ پي ٽي آءِ ڪي پي جي وقتي صدر محمد علي پاران پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو ويو،

  اسلام آباد ۾ پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻنهي اڳواڻن چيو ته فوج کي ڪمزور ڪرڻ جو مطلب پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ برابر آهي، 9

 مئي جا واقعا مذمت جوڳا آهن، فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ايم اين اي جواد ۽ محمد علي کي پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار ڪيون ٿا،

پي ٽي آءِ جا ڪيترائي اڳواڻ پ پ ۾ شموليت لاءِ رابطا ڪري رهيا آهن، اخلاقيات جي سياست ڪندڙن لاءِ پارٽيءَ جا دروازا کليل آهن.

Leave A Comment