پي ٽي آءِ ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿي ته حڪومت تيار آهي: راڻا ثناءُ الله

پي ٽي آءِ ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿي ته حڪومت تيار آهي: راڻا ثناءُ الله

سکر (بيورو رپورٽ) وزير اعظم جي صلاحڪار ۽ نوازليگ جي مرڪزي اڳواڻ رانا ثناءُ الله جي سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جو رويو خراب ئي رهيو آهي، هو 2011 کان وٺي ئي سياسي ڳالهين تي يقين نٿو رکي. ڪنهن کي اها اجازت نه هوندي ته اهو جيل ۾ ويهي ٻاهر انتشار ڦهلائي، ملاقات کانپوءِ انتشار وارو پيغام جاري ٿيندو هو، حڪومت ويهي ڳالهيون خوش اصلوبي سان حل ڪرڻ جي خواهش مند آهي. پر پي ٽي آئي ڳالهيون نٿي ڪرڻ چاهي، اب ڪري بهاني پئي ڪري. هن چيو ته اسان ڳالهين لاءِ تيار آهيون شرط اهو آهي ته هو ڳالهين جي ٽيبل تي ويهن. عمران خان کي حفاظت ۽ سيڪيورٽي معاملن کي سامهون رکي عدالتن ۾ پيش نٿو ڪيو وڃي.