پي ٽي آءِ ۽ اسٽيبلشمينٽ رابطن ۾ اڳڀرائي نه ٿي سگهي

جُون 21, 2025

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ ۽ اسٽيبلشمينٽ رابطن بابت عمران جي بيانن کانپوءِ امڪاني پياڳڀرائي رڪجي وئي آهي

باني پي ٽي آءِ ۽ ميمبرن جي بيانن کان پوءِ پي ٽي آءِ ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ رابطن جي معاملي تي ممڪن پيش رفت رڪجي وئي آهي.

ذريعن موجب آمريڪا ۾ پي ٽي آءِ جي احتجاجن جي ڪري پيش رفت رڪجي وئي آهي. آمريڪا ۾ ٿيندڙ احتجاجن جي ڪري پي ٽي آءِ، حڪومت، اسٽيبلشمينٽ ۽ سنجيده حلقا سخت ناراض آهن.

پي ٽي آءِ ميمبرن دعويٰ ڪئي آهي ته گڏيل حڪمت عملي جو فقدان مسئلن جي حل ۾ رڪاوٽ آهي.

پي ٽي آءِ جي چيئرمين بئريسٽر گوهر خان چيو ته اسان جا دروازا ڳالهين لاءِ کليل آهن ۽ اسان ملڪ جي خاطر سنجيده ۽ مفيد لاڳاپن لاءِ تيار آهيون.

هن چيو ته حڪومت ۽ اسان جي طرفان ڪجهه ماڻهو آهن، جيڪي بيانن يا عملن ذريعي رابطي ۾ رڪاوٽ وجهي رهيا آهن.

ذريعن موجب عيد کان اڳ هڪ اهم سرڪاري شخصيت بئريسٽر گوهر سان رابطو ڪيو هو. 26 نومبر کانپوءِ اهم شخصيتن سان هي رابطو ٿوري وقت لاءِ بحال ٿيو.

پي ٽي آءِ ذريعن موجب عيد الاضحيٰ کان پوءِ پي ٽي آءِ قيادت سان رابطا ۽ ڳالهيون ٿيڻيون هيون. پي ٽي آءِ جي باني ۽ پارٽي ميمبرن جي بيانن کان پوءِ عيد کانپوءِ ممڪن پيش رفت رڪجي وئي آهي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • جهول ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب پورهيت فوت

  • حيدرآباد ۾وڏي ڀاءُ هٿان ننڍو ڀاءُ قتل

  • ڀان سيد آباد ۾ حادثو، پيرسن عورت فوت

  • قاضي احمد ڀرسان ٿيل مقابلي جو ڪيس داخل