پي ٽي آءِ ۾ ڀڃ ڊاهه جاري، هشام انعام، جاويد حسين ۽ ذوالفقار شاهه پاران پارٽي ڇڏڻ جو اعلان

مَي 20, 2023

اورڪزئي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) 9مئي جي واقعن کانپوءِ پي ٽي آءِ اڳواڻن پاران پارٽي ڇڏڻ جو سلسلو جاري آهي خيبر پختونخوا جي ضلعي اورڪزئي مان 2018ع ۾ چونڊيل ايم اين اي جاويد حسين، ڪي پي جي اڳوڻي صوبائي وزير هشام انعام الله ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ ذوالفقار شاهه تحريڪ انصاف ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي

ميڊيا سان ڳالهائيندي جاويد حسين چيو ته 9 مئي جي واقعن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو هي پاڪستان اسان جو آهي ۽ هي ادارا به اسان جا آهن پاڪستان ان وقت مضبوط ٿيندو جڏهن هي ادارا مضبوط ٿيندا

جاويد حسين چيو ته ڪنهن جي دٻاءُ ۾ اچي فيصلو ناهي ڪيو آئون پي ٽي آءِ کي ڇڏڻ جو اعلان ڪري رهيو آهيان

ڪي پي جي اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر هشام انعام الله به پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو هن چيو ته 9 مئي جي واقعن جي مذمت ڪريان ٿو ۽ قوم کان معافي وٺان ٿو

پي ٽي آءِ اڳواڻ ذوالفقار شاهه به پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پارٽي عهدي ميمبرشپ تان استعيفا ڏيان ٿو اڳتي سياست به نه ڪندس هن چيو ته ڪور ڪمانڊر هائوس لاهور منهنجي جي ڀرسان آهي ان کي ساڙيو ويو اها سياست آهي ته پوءِ اهڙي سياست نه ڪندس

Leave A Comment