| پي ٽي ايم اڳواڻ علي وزير سکر جيل مان آزادي بعد ٻيهر گرفتار |
سکر (بيورو رپورٽ) اڳوڻو قومي اسيمبلي ميمبر ۽ پي ٽي ايم اڳواڻ علي وزير سکر سينٽرل جيل مان آزاد جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ گرفتار ٿي ويو. گذريل ڏينهن سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران سمورن ڪيسن ۾ ضمانت منظور ٿيڻ بعد علي وزير آزاد ٿي ويو. علي وزير کي آگسٽ 2024 ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. جنهن کي مختلف ڪيس ۽ ٿري ايم پي او آرڊر توڙي ٻين ڪيسن ۾ پنجاب، سنڌ، اسلام آباد ۽ بلوچستان ۾ قيد ۾ رکيو ويو. سکر سينٽرل جيل مان آزاد ٿيڻ بعد علي وزير کي سندس ساٿين طرفان خوشيءَ ۾ گل پارائي مٺايون ورهايون ويون. آزاديءَ جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ ئي پوليس سکر ۾ ئي ڪارروائي ڪري علي وزير کي ٻيهر گرفتار ڪري ورتو. جنهن جي تصديق علي وزير جي وڪيل امداد حيدر سولنگي ڪندي ٻڌايو ته سمورن ڪيسن ۾ ضمانت باوجود سکر ويجهو هڪ گهر تي پوليس چڙهائي ڪري علي وزير کي ٻيهر گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس گرفتاري دوران ڪجهه به نه ٻڌايو ته علي وزير کي ڪهڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. وڪيل مطابق هن وقت تائين اُن جي گرفتاري ظاهر ناهي ڪئي وئي جنهن ڪري اُن جي وارثن ۾ سخت بيچيني واري لهر ڇانيل آهي.