پي ٽي سي ايل وارا راضي نه ٿيا ته ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيندا!

جُولاءِ 6, 2023

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ترقياتي ڪمن دوران پي ٽي سي ايل جي تارن کي نقصان پهچائڻ واري شڪايت تي سمورن سوڪ  ادارن کي پي ٽي سي ايل کي آگاھ ڪرڻ کانسواءِ ترقياتي ڪم ڪرائڻ کان روڪي ڇڏيو

 ڪالهه ٻڌڻي دوران ايس ايس پي سينٽرل ۽ ايس ايڇ او بلال ڪالوني جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، پي ٽي سي ايل جي وڪيل  شاهان ڪريمي عدالت کي ٻڌايو ته ترقياتي ڪمن دوران شهري ادارا پي ٽي سي ايل جي تارن کي نقصان پهچائي رهيا آهن

 جنهن سان مسئلا پيدا ٿي رھيا آھن، سڀني لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي وڃي ته ڪم ڪرڻ کان اڳ پي ٽي سي ايل کان اجازت ورتي وڃي

 عدالت سمورن  سوڪ ادارن کي پي ٽي سي ايل کي آگاھ ڪرڻ کانسواءِ ترقياتي ڪم ڪرڻ کان منع ڪندي پنھنجي حڪم ۾ 18 آگسٽ تائين واڌ ڪري ڇڏي. درخواست ۾ ڪي اليڪٽرڪ، واٽر بورڊ ۽ ڪي ڊي اي کي ڌر بڻايو ويو آهي.

Leave A Comment