پي ٽي وي کي ڪوبه نٿو ڏسي، ڪوڙ ڳالهايو وڃي ٿو: اسٽينڊنگ ڪاميٽي

پي ٽي وي کي ڪوبه نٿو ڏسي، ڪوڙ ڳالهايو وڃي ٿو: اسٽينڊنگ ڪاميٽي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اطلاعات و نشريات بابت قومي اسيمبليءَ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽيءَ جو اجلاس پولين بلوچ جي صدارت هيٺ ٿيو. چيئرمين چيو ته پي ٽي وي اسان جو قومي ادارو آهي، خبر هجڻ گهرجي ته ڪهڙن ماڻهن کي ڪڍيو ويو آهي. ڪاميٽي کي مڪمل تفصيلن کان آگاهه ڪيو وڃي. ڪميٽي ميمبر سحر ڪامران چيو ته اسان کي ٻڌايو وڃي ٿو ته پي ٽي وي جي ويوئرشپ وڌي وئي آهي، پر يوٽيوب تي ڏسجي ته ويوئرشپ نظر نٿي اچي، پي ٽي وي جي معاملن ۾ هتي غلط بياني ڪئي وڃي ٿي. ميمبرن چيو ته پي ٽي وي اسپورٽس ۾ وڏين پگهارن تي ماڻهو ڀرتي ڪيا ويا آهن، ان باوجود ماڻهو ٻيا اسپورٽس چينلز ڏسن ٿا، پي ٽي وي اسپورٽس جي عملدارن جي غير حاضري تي ڪاميٽي ميمبرن ناراضگي جو اظهار ڪيو. نديم عباس چيو ته پي ٽي وي اسپورٽس ايجنڊا ۾ شامل آهي، پر ڪو به آفيسر موجود ناهي. چيئرمين چيو ته ڪاميٽي کي سنجيده نه ورتو ويو ته اسان پنهنجو رستو اختيار ڪنداسين. شاليمار براڊ ڪاسٽنگ ڪمپني جي ايم ڊي چيو ته 280 ملازمن کي ڪمپني مان ڪڍيو ويو آهي. ڪو منصوبو آيو ته ملازمن کي ٻيهر بحال ڪيو ويندو. ڪو منصوبو نه آيو ته هاءِ ڪورٽ ڪمپني ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي سگهي ٿي. ڪمپني جا اثاثا وڪرو ڪري ملازمن کي گولڊن هينڊ شيڪ ۽ ٻيون سهولتون ڏنيون وينديون. ڪميٽي ميمبر رعنا انصر چيو ته 2018 ۾ اهڙو ڇا ٿيو جو هي ڪمپني زوال جو شڪار ٿي وئي. ايم ڊي براڊ ڪاسٽنگ چيو ته 2018 ۾ جنهن ڪمپني جو ٺيڪو ختم ٿيو هو، اها تمام مضبوط هئي ۽ ان ڪمپني ڪنهن کي ڪم ڪرڻ نه ڏنو. عدالت کي اسان جي طرفان ٻڌايو وڃي ته هي ملازمن جي زندگين جو مسئلو آهي. ملازمن جي معاملي ۾ نرمي اختيار ڪرڻ بهتر ٿيندو. شاليمار براڊڪاسٽنگ ڪمپني جي معاملن تي ذيلي ڪميٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو.