| پي پي ايچ آءِ هراسمنٽ اسڪينڊل: الزام هڻندڙ دائي برطرف، آفيسر ڪارروائي کان آجا، ننڍا ملازم قربان |
مٺي (رپورٽ: ممتاز نهڙيو )پي پي ايڇ آءِ اختيارين ضلعي آفيس ٿرپارڪر جي ڊيٽا اسٽنٽ راجا رميز ميگهواڙ کي ملازم ڇوڪري سان مبينا جنسي حراسمينٽ جي الزام واري جاچ بعد کيس نوڪري مان برطرف ڪري ڇڏيو آھي ته اختيارين جنسي حراسمينٽ جي شڪايت ڪندڙ متاثر مڊوائف کي به نوڪري مان فارغ ڪري ڇڏيو جڏهن ته پي پي ايڇ آءِ جي مک ضلعي آفيسرن مٿان جنسي هراسمينٽ جا سنگين الزام هجڻ باوجود سندن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿي سگهي، آفيسر پاڻ کي بچائڻ لاءِ ننڍن ننڍن ملازمن کي قرباني جو ٻڪرو بڻائڻ ۾ سرگرم ٿي ويا، معلوم ٿيو آھي ته مبارڪ رند بي ايڇ يو تي ڪم ڪندڙ ڪلوئي واسڻ مڊوائف ( ب ) کوسو آفيس جي ڊيٽا اسٽنٽ راجا رميز مٿان جنسي حراسمينٽ ڪرڻ جي ڊي ايم کي لکت ۾ شڪايت ڪئي هئي۔ ڊي ايم پاران ڪرايل جاچ ۾ آفيس ملازم تي جنسي هراسمينٽ جو الزام ثابت ٿيڻ بعد پي پي ايڇ آءِ سنڌ جي اختيارين کيس برطرف ڪرڻ جو لکت ۾حڪم جاري ڪيو۔ جاري ڪيل حڪم نامي ۾ واضع طور تصديق ڪئي وئي ته ڄاڻايل ملازم ڇوڪري سان جنسي حراسمينٽ ڪئي آھي۔ تنهن ڪري کيس نوڪري مان فارغ ڪجي ٿو۔ پي پي ايڇ آءِ ٿرپارڪر جو ڊي ايم صوبدار شاهاڻي ۽ ايم او ڊاڪٽر سنيل چوهاڻ خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿي نه وري ملازم عورتن سان جنسي حراسمينٽ جي سنگين الزامن جي جاچ لاءِ لاڳاپيل اختيارين جاچ ڪرڻ جي تڪليف ڪئي آھي۔
| دائي کي ڊي ايم وارا جنسي هراسمنٽ لاءِ تنگ ڪندا هئا، برطرف ملازم |
مٺي: الزام هيٺ آيل ۽ برطرف ٿيل ڊيٽا اسٽنٽ راجا رميز رابطو ڪرڻ تي چيو ته متاثر ملازم عورت (ب) کوسو کي ڊي ايم وارا جنسي حراسمينٽ ڪرڻ لاءِ تنگ ڪندا هئا۔ مک چور اهي آھن ۽ مون مٿان ڪوڙو الزام هڻي مون کي ۽ متاثر ڇوڪري کي نوڪرين مان ڪڍيو ويو متاثر ڇوڪري کان ڊي ايم وارن زبردستي لکرايو ته تون قبولدار ٿي ته تنهنجو راجا رميز سان جنسي تعلق آھي هن چيو ته ملازم عورتن سان جنسي حراسمينٽ ضلعي جا آفيسر ڪن ٿا ۽ نوڪرين مان برطرف وري اسان جهڙن ننڍن ملازمن کي ڪيو پيو وڃي هن چيو ته منهنجي برطرفي واري آرڊر ۾ مون مٿان لڳايل الزامن کي عدالت ۾ چينلينج ڪندس
معاملي جي جاچ ڪري مک آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، سول سوسائٽي
مٺي: هوڏانهن ٿر جي سول سوسائٽي جي اڳواڻن سومار سميجو، سومار راهمون،وسايو موريو جو چوڻ آھي ته پي پي ايڇ آء ٿرپارڪر جا آفيسر پاڻ تي ملازم عورتن سان مبينا جنسي هراسمينٽ جي سنگين الزامن جي جاچ کان بچڻ لاءِ ننڍن ملازمن ۽ شڪايتون ڪندڙ عورتن کي به نوڪرين تان برطرف ڪرڻ جو سلسلو تيز ڪري ڇڏيو آھي۔ معاملي جي جاچ ڪري الزام هيٺ آيل مک آفيسرن خلاف ڪارروائي نه ٿي ته احتجاج جو سلسلو شروع ڪنداسين۔