| پي پي ايچ آءِ ۾ لاڙڪاڻي ۽ سکر سوڌو 7 ضلعن جا مينيجر تبديل |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي پي ايچ آءِ ۾ بدليون ۽ مقرريون، ٽنڊو محمد خان، بدين، لاڙڪاڻي، نوشهروفيروز، مٽياري، سکر ۽ خيرپور جا ضلعي مينيجر تبديل ڪيا ويا. ان حوالي سان پي پي ايچ آءِ اختيارين پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ته ٽنڊومحمد خان ۾ اضافي چارج تي ضلعي مينيجر طور ويٺل طاهر لاشاري کان اضافي چارج واپس وٺي کيس بدين اي جي ضلعي مينيجر واري اضافي چارج سونپي وئي آهي. بدين اي مان ثناالله منگي کان اضافي چارج واپس وٺي کيس لاڙڪاڻي اي جي ضلعي مينيجر طور مقرر ڪيو ويو آهي. جتان سرفراز سومرو کي بدلي ڪري کيس ريجنل مينيجر ايم اينڊ اِي طور مقرر ڪيو ويو آهي. نوشهروفيروز جي ضلعي مينيجر محسن ڪلهوڙو کي بدلي ڪري کيس ٽنڊومحمد خان ۾ ضلعي مينيجر طور مقرر ڪيو ويو آهي، اسدالله کي ضلعي مينيجر نوشهروفيروز مقرر ڪيو ويو آهي. عبدالرزاق جوڻيجو کي سکر ۾ ضلعي مينجر ۽ علي افضل ضلعي مينيجر مٽياري مقرر ڪيو ويو آهي.