پي ڊي ايم جو ڌرڻو جاري: فضل الرحمان ۽ ٻيا اڳواڻ اسٽيج تي موجود: وڏي انگ ۾ قافلا پهتل

مَي 15, 2023

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ڊي ايم  سپريم ڪورٽ آڏو ڌرڻو هڻي ڇڏيو، فضل الرحمان، مريم نواز ۽ ٻيا اڳواڻ اسٽيج تي موجود آهن جڏهن ته ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪارڪنن جا وڏا قافلا پڻ پهچي ويا آهن. تفصيل موجب حڪمران اتحاد پي ڊي ڊي قيادت جي سڏ تي سپريم ڪورٽ آڏو ڌرڻو هنيو ويو آهي، ڌرڻي جي اڳواڻي پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ مريم نواز ڪري رهيا آهن جيڪي ٻين اتحادي جماعتن جي اڳواڻن سان گڏ اسٽيج تي موجود آهن، ان کان اڳ  وڏي انگ ۾ ڪارڪن ريڊ زون ۾ داخل ٿي ويا ، جي يو آءِ جي انصار الاسلام ۽ ٻين جماعتن جا ڪارڪن شاهراهه دستور جي گيٽ ٽپي ريڊ زون ۾ داخل ٿيا، پوليس سيرينا چوڪ وارو بند پيل رستو کولي ڇڏيو  جڏهن ته سپريم ڪورٽ ٻاهران ايف سي ۽ پوليس جا اضافي اٽالا مقرر ڪيا ويا آهن، سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف شهرن مان نڪتل قافلا به اسلام آباد پهچي ويا آهن جيڪي ڌرڻي ۾ شريڪ ٿي رهيا آهن، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ڊي ايم قيادت کي سپريم ڪورٽ جي انٽري پوائنٽ وٽ ڌرڻو نه هڻڻ لاءِ چيو ويو آهي، ڌرڻي جي اسٽيج اليڪشن ڪميشن ۽ وزيراعظم هائوس آڏو لڳائڻ تي ڪو به اعتراض نه هوندو..

Leave A Comment