اسلام آباد (م ڊ) شماريات بيورو جي رپورٽ موجب ملڪ ۾ مهانگائي شرح ۾ رڪارڊ واڌ ٿي آهي گذريل 11 مهينن دوران ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 29 سيڪڙو جڏهن ته گذريل مئي مهيني ۾ شرح 38 سيڪڙو جي رڪارڊ سطح تي پهچي وئي،
شماريات بيورو جي رپورٽ موجب ملڪ جي شهري علائقن ۾ مهانگائي 35.1 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته ٻهراڙي علائقن ۾ شريح 42.2 سيڪڙو جي بلند ترين سطح تي پهتي، قومي سطح کاڌي پيتي جي شين ۾ 48.65 سيڪڙو جڏهن تي ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ 53 سيڪڙو اضافو ٿيو، سير و تفريح جي سهولتن ۾ 72 سيڪڙو ،
هوٽلن ۽ ريسٽورنٽس جي چارجز ۾ به 42 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، شماريات بيورو جي رپورٽ موجب گذريل سال جي نسبت تعليم جي سهولتن 8 سيڪڙو،صحت ۾ 19 سيڪڙو، بجلي ۽ گئس 20.51 سيڪڙو، ڪپڙن ۽ جوتن جون قيمتون 22.47 سيڪڙو وڌي ويون، رپورٽ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي ۾ گذريل مهيني جي ڀيٽ ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي
جنهن مطابق گذريل مهيني پٽاٽا 17.22 سيڪڙو ۽ مرغي جي قيمت ۾ 11.31 سيڪڙو اضافو ٿيو، هڪ مهيني دوران ڪڻڪ 6.4 سيڪڙو، شماريات بيورو موجب مئي مهيني ۾ سبزين ۽ فروٽ جي قيمتن گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، گذريل مهيني کنڊ 2.77 سيڪڙو۽ ڪڻڪ 2.29 سيڪڙو سستي ٿي، اخبار 32.77 سيڪڙو ، رهائش 23 سيڪڙو اسٽيشنري 5.44 سيڪڙو مهانگي ٿي جڏهن ته ڪتاب ۽ بجلي ٽيرف 2.92 سيڪڙو مهانگو ٿيو