پي ڊي ايم ٽو: نواز نه بلاول، شهباز وزيراعظم، مريم نواز وزيراعليٰ پنجاب نامزد، اتحادي حڪومت جو اعلان: زرداري صدر ٿيندو، وزارتون نه وٺنداسين: پ پ چيئرمين
فيبروري 14, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نواز نه بلاول، شهباز وزيراعظم، مريم نواز وزيراعليٰ پنجاب نامزد، پي ڊي ايم طرز تي ٻيهر اتحادي حڪومت ٺاهڻ جو اعلان: ميثاق جمهوريت ۽ ميثاق معيشت جي سمورين پارٽين کي دعوت، آصف زرداري چيو ته مفاهمت ۾ پي ٽي آءِ به شامل هوندي، زرداري هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان کپي جو نعرو لڳائي ڇڏيو، ان کان اڳ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزارت عظميٰ لاءِ ن ليگ کي ووٽ ڏينداسين، صدر، سينيٽ چيئرمين ۽ اسپيڪر تي پ پ جا اميدوار هوندا، آصف زرداري صدر ٿيندو، اسان وفاقي حڪومت ۾ شامل نه هونداسين، وزارتون نه وٺنداسين، تفصيل موجب ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت جي اسلام آباد واري رهائشگاهه تي سياسي قيادت جو اهم اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ شهباز شريف، آصف زرداري، خالد مقبول، عليم خان، صادق سنجراڻي ۽ ٻين سياسي پارٽين جي قيادت شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ حڪومت سازي ۽ سياسي صورتحال تي مشاورت ڪئي وئي، اجلاس بعد سياسي قيادت گڏيل پريس ڪانفرنس اتحادي حڪومت ٺاهڻ جو اعلان ڪيو، پريس ڪانفرنس دوران پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو ته اسان گڏجي ويهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، طئي ٿيو آهي ته سڀئي گڏجي حڪومت ٺاهينداسين، مفاهمت جي هن عمل ۾ پي ٽي آءِ به شامل هوندي. هن چيو ته اسان هڪ ٻئي خلاف اليڪشن وڙهي آهي، چاهيون ٿا پي ٽي آءِ به مفاهمت ۾ شامل ٿئي. پاڪستان کي ڏکيائين مان ڪڍنداسين، آئون چوان ٿو پاڪستان کپي. هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ۾ مخالفتون ٿينديون آهن پر گڏجي اڳتي وڌڻو آهي. ملڪ جي وسيع مفادن لاءِ سڀني کي گڏجڻو پوندو. پريس ڪانفرنس دوران نواز ليگ صدر شهباز شريف چيو آهي ته وزيراعظم لاءِ نواز شريف کي گذارش ڪريون ٿا ته عهدو قبول ڪري، چوڌري شجاعت جو ٿورائتو آهيان جنهن اسان سڀني کي هتي دعوت ڏني. ملڪ جا سمورا سياسي اڳواڻ ان ڪري گڏ ٿيا آهيون ته جيئن قوم کي ٻڌائي سگھون ته اليڪشن ۾ اسين هڪ ٻئي جي خلاف به ڳالهائيندا آهيون، اهو مرحلو ختم ٿي چڪو، پارليامينٽ وجود ۾ اچڻ واري آهي. هاڻي اسان جي جنگ ملڪ جي مسئلن خلاف آهي. هن چيو ته سڀ کان وڏو چيلينج هن ملڪ لاءِ معيشت آهي، ان کي پيرن تي بيهارينداسين. اهو چيلينج هماليا جيڏو آهي پر جڏهن قومون ۽ ليڊرشپ گڏجي هلندي آهي ۽ فيصلوڪندي آهي ته اسان کي اختلاف ختم ڪري قوم کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي ته پوءِ مسئلا مسئلا ناهن رهندا. هن چيو ته آءِ ايم ايف جو جيڪو معاهدو ٿيو هو ان پاڪستان کي استحڪام ڏنو، ان کي اسان کي اڳتي وڌائڻو آهي، پاڪستان جي قرضن کي گھتائينداسين غربت کي گھٽائينداسين. هي هڪ تمام وڏي اهم ايجنڊا آهي. سندس چوڻ هوته اسين سڀ هر هڪ جو مينڊيٽ تسليم ڪريون ٿا. بلاول ڀٽو زرداري جا ٿورائتا آهيون جنهن پي ايم ايل اين کي ووٽ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي. چوڌري شجاعت حسين، صادق سنجراڻي، عليم خان، خالد مقبول صديقي جو ٿورائتوآهيان جن اسان کي حڪومت سازي لاءِ حمايت جي خاطري ڪرائي. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جا آزاد ميمبر حڪومت ٺاهڻ جو شوق رکن ٿا ۽ وٽن اڪثريت آهي ته کڻي اچن، اسين سڀ انهن جي اڪثريت جو احترام ڪنداسين. سندس چوڻ هوته پارلياماني روايتن جي گھرج آهي ته هر هڪ پنهنجي اڪثريت ثابت ڪري، اسان جي اڪثريت هتي موجود آهي، چئني صوبن مان اسان جي اڪثريت هتي گڏ ٿي آهي ۽ اسين ان قابل آهيون ته حڪومت ٺاهيون ۽ گڏجي پاڪستان جي مسئلن کي حل ڪري ڏينهن رات محنت ڪريون. آئون پنهنجي طرفان ۽ ميان نواز شريف جي طرفان سمورين پارٽين جا ٿورا مڃيان ٿو. مولانا توهان سان گڏ نظر نه پيو اچي واري سوال جي جواب ۾ شهباز شريف چيوته اسان سڀني کي گڏجي پاڪستان کي بچائڻو آهي. مولانا فضل الرحمان سان رابطو ٿيو هو، اڄ هنن جي شوريٰ جي گڏجاڻي هئي، جيئن ئي ختم ٿيندي ته وڌيڪ ٻڌائينداسين. سمورين پارٽين ڪاميٽيون جوڙيون آهن، جيڪي رولز آف دي گيم جو فيصلو ڪنديون. ڪهڙي پارٽي کي ڇا ملندو ۽ صدر ڪير ٿيندو واري سوال تي شهباز شريف چيو ته سڀني کي خوش ڪنداسين. ڪنهن کي به مايوس نه ڪنداسين. مون اڳ به چيو هو ته اسان جو وزيراعظم جو اميدوار نواز شريف آهي آئون کيس وري نواز شريف کي گذارش ڪندس ته ميان نواز شريف وزيراعظم جو عهدو قبول ڪري، هن چيو ته پارٽي جي صدر جي حيثيت سان اعلان ڪيو ته پنجاب ۾ وزيراعظم جي اميدوار مريم نواز آهي. آصف زرداري صدر ٿيندو يا نه بابت سوال تي هن چيو ته اسين توهان کي مايوس نه ڪنداسين. شهباز شريف پريس ڪانفرنس ۾ هر هر آصف زرداري کي صدر زرداري چوندو رهيو. هن چيو ته آصف زرداري سان متفق آهيان ته ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ هڪٻئي کي معاف ڪريون. هن چيو ته پاڪستان جن حالتن ۾ گھيريل آهي ان لاءِ انقلابي قدم کڻڻا پوندا. آئون سڀني کي ميثاق جمهوريت جي دعوت ڏيان ٿو. اچو اڳتي وڌون ۽ ميثاق جمهوريت کي اڳتي وڌايون. اچو ته هڪ ٻئي خلاف جيڪي ڳالهيون ٿيون اهي ختم ڪريون، ويڇا وساري کير کنڊ ٿي وڃون. پريس ڪانفرنس دوران ايم ڪيو ايم جي سربراهه خالد مقبول صديقي چيو ته اسان اڳ به مسلم ليگ ن جو ساٿ ڏنو آهي،هاڻي به ڏينداسين. اسان هميشه واعدا پاڙيا آهن، ڪڏهن واعدي خلافي ناهي ڪئي. گڏجي جمهوريت مضبوط ڪنداسين، شهباز جو ساٿ ڏينداسين، سياسي مفادن کي هڪ پاسي رکي پاڪستان ۽ رياست کي بچائڻ لاءِ قدم کڻنداسين، ته جيئن هن سال جي آخر تائين پاڪستان کي بهتر صورتحال ڏانهن وٺي وينداسين. بلوچستان عوامي پارٽي جي صادق سنجراڻي چيو ته اڄوڪي گڏجاڻي جو مقصد اهو هو ته اسين سڀئي گڏجي پاڪستان جي نظام کي سنڀاليون ۽ مستحڪم ڪريون. هن چيوته اسان جي پارٽي بلوچستان عوامي پارٽي اڳ جيان هاڻي به ميان صاحب سان گڏ بيٺي آهي. پاڪستان جي بهتري لاءِ ميان صاحب سان گڏ بيٺا آهيون. استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر عليم خان چيو ته چوڌري شجاعت حسين جا ٿورائتا آهيون جنهن اسان کي هتي گڏ ڪيو. پاڪستان هن وقت وڏي ڏکئي دور مان گذري رهيو آهي. هن چيو ته اميد آهي ته ايندڙ حڪومت ميان صاحب جي هوندي اها بهتر طريقي سان هلندي. آئون ميان صاحب جي حڪومت لاءِ دعاڳو آهيان. اميد ڪريان ٿوته بهتري ايندي. اهڙا فيصلا ڪرڻا پوندا جيڪي ملڪ ۽ عوام جي مفاد ۾ هجي. چوڌري شجاعت چيو ته سڀني جو ٿورائتو آهيان سڀ منهنجي سڏ تي گڏ ٿيا آهن، گڏجي حڪومت ٺاهينداسين، ميان صاحب سان گڏ آهيون.هوڏانهن مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته پارٽي قائد ميان نواز شريف وزيراعظم لاءِ ميان شهباز شريف کي نامزد ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته پنجاب جي وزيراعليٰ لاءِ مريم نواز اميدوار هوندي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس (ٽوئيٽر) تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ان سلسلي ۾ پارٽي ۾ مشاورت ٿي هئي پر اهو نواز شريف جو فيصلو آهي ته شهباز شريف وزيراعظم ٿئي. نواز شريف مون کي اعلان ڪرڻ جو چيو. نواز شريف سمجهي ٿو ته هو پويان ويهي شهباز شريف ۽ مريم نواز جي بهتر مدد ڪري سگھي ٿو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته مريم نواز کي به نواز شريف ئي وزيراعليٰ جي عهدي لاءِ نامزد ڪيو آهي. ان کان اڳ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وفاقي حڪومت جو حصو نه بڻجنداسين. (ن) ليگ جي وزارت اعظم جي اميدوار کي ووٽ ڏينداسين. پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽرل ايگزيڪيٽوَ ڪميٽيءَ جي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان جو اصولي فيصلو ٿيو آهي ته ملڪ کي بحران مان ڪڍڻو آهي. اسان هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان کپي جو نعرو هنيو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي وٽ وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ جو مينڊيٽ ناهي، مينڊيٽ نه هجڻ سبب مان وزير اعظم جو اميدوار ناهيان. مان پاڻ کي وزير اعظم جي ڊوڙ ۾ شامل ناهيان ڪري رهيو. اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف پيپلز پارٽيءَ سان ڳالهيون نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. مسلم ليگ (ن) حڪومت سازيءَ جي لاءِ پيپلز پارٽيءَ سان رابطو ڪيو آهي پر پيپلز پارٽي وفاق ۾ حڪومت جو حصو نه بڻجندي. هن چيو ته پيپلز پارٽي وفاقي ڪابينا ۾ وزارتون نه وٺڻ جواعلان ڪيو آهي. اسان سياسي بحران کي جنم نه ڏينداسين. نئين اليڪشن ۽ سياسي بحران کان بچڻ جي لاءِ حڪومت سازيءَ ۾ تعاون ڪنداسين. پيپلز پارٽي سياسي عدم استحڪام نٿي چاهي. جيڪڏهن ڪا جماعت حڪومت نه ٺاهي سگهي ته نئون اليڪشن ٿيندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي پنهنجي منشور مطابق هلندي. پيپلز پارٽي وفاقي ڪابينا ۾ وزارتون نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته ٻين جماعتن سان رابطن جي لاءِ ڪميٽيون جوڙيون وينديون. هن ٻڌايو ته اليڪشن جهڙي به ٿي ته عوام حصو ورتو. عوام هاڻي وڌيڪ عدم استحڪام نٿي چاهي. حڪومت جي تشڪيل جي لاءِ (ن) ليگ جي اميدوار کي وزير اعظم جو ووٽ ڏينداسين. جيڪڏهن پيپلز پارٽي حمايت نٿي ڪري ته ٻيهر اليڪشن ٿيندي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته پاڪستان کي ان طرف وٺي وڃون جيڪو عوام جو حق آهي. تحريڪ انصاف سميت سموريون سياسي جماعتون پنهنجو نه پر ملڪ جو فڪر ڪن. هن ٻڌايو ته 18 مهينن جي اڳوڻي حڪومت ۾ پارٽي کي شڪايت هئي. اسان ڪوشش ڪنداسين ته پيپلز پارٽي بلوچستان ۾ حڪومت ٺاهي. آصف علي زرداري صدر ٿيندو، ملڪ سڙي رهيو آهي. باهه وسائڻ جي صلاحيت صرف آصف علي زرداري وٽ آهي. اسان صدر، اسپيڪر قومي اسيمبلي ۽ چيئرمين سينيٽ جي لاءِ پنهنجو اميدوار بيهارينداسين. جڏهن ته پ پ چيئرمين سياسي پارٽين سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي، قمر زمان ڪائره، مراد علي شاهه ۽ ثناءُ الله زهري ڪميٽي ۾ شامل، نديم افضل چن، سعيد غني ۽ شجاع خان به ڪميٽي جو حصو هوندا، ڪميٽي سياسي پارٽين سان رابطا ڪري پارٽي جي قيادت کي آگاهه ڪندي.