پي ڊي ايم پاران اڄ سپريم ڪورٽ آڏو ڌرڻو لڳندو: ڪارڪن ريڊ زون ۾ داخل: پوليس رستو کولي ڇڏيو
مَي 15, 2023
اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ڊي ايم پاران اڄ سپريم ڪورٽ آڏو ڌرڻو هڻن لاءِ ڪارڪن ريڊ زون ۾ داخل ٿي ويا آهن. تفصيل موجب حڪمران اتحاد پي ڊي ڊي قيادت جي سڏ تي سپريم ڪورٽ آڏو اڄ ڌرڻو هنيو پيو وڃي، وڏي انگ ۾ ڪارڪن ريڊ زون ۾ داخل ٿي ويا آهن، جي يو آءِ جي انصار الاسلام ۽ ٻين جماعتن جا ڪارڪن شاهراهه دستور جي گيٽ ٽپي ريڊ زون ۾ داخل ٿيا، پوليس سيرينا چوڪ وارو بند پيل رستو کولي ڇڏيو آهي جڏهن ته سپريم ڪورٽ ٻاهران ايف سي ۽ پوليس جا اضافي اٽالا مقرر ڪيا ويا آهن، سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف شهرن مان نڪتل قافلا به اسلام آباد پهچڻ وارا آهن. ٻئي طرف فيض آباد وٽان سمورا قافلا مرڪزي قافلي ۾ شريڪ ٿي اسلام آباد ۾ داخل ٿيندا، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ڊي ايم قيادت کي سپريم ڪورٽ جي انٽري پوائنٽ وٽ ڌرڻو نه هڻڻ لاءِ چيو ويو آهي، ڌرڻي جي اسٽيج اليڪشن ڪميشن ۽ وزيراعظم هائوس آڏو لڳائڻ تي ڪو به اعتراض نه هوندو..