پي ڊي ايم پاران سومر تي سپريم ڪورٽ ٻاهران ڌرڻو هڻڻ جو اعلان: پ پ به شرڪت جو فيصلو ڪري ورتو

مَي 13, 2023

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ڊي ايم سُپريم ڪورٽ ٻاهران ڌرڻي ۽ احتجاج جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته پ پ به ڌرڻي ۾ شرڪت جو فيصلو ڪيو آهي.  پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان اسلام آباد ۾ اتحادي اڳواڻن سان گڏ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران چيو آهي ته سُپريم ڪورٽ جي رويي خلاف احتجاج جو فيصلو ڪيو اٿئون، سومر تي سموري قوم اسلام آباد ۾ گڏ ٿئي، سُپريم ڪورٽ آڏو زبردست ڌرڻو هنيو ويندو، کين ٻڌايو ويندو ته سُپريم ڪورٽ مڌر اِن لا نه، پر مڌر آف لا آهي، ڏنڊي جو جواب ڏنڊي، سروٽن جو جواب سروٽن، مُڪي جو جواب مُڪي ۽ چماٽ جو جواب چماٽ سان ڏينداسين، سولائي سان گيهه نه نڪتو ته ڏوڙِي آڱر سان گيهه ڪڍيو ويندو، چيف جسٽس آڏو واضح ڪريون ٿا ته 3 ٻه جو فيصلو مڃڻ لاءِ تيار نه آهيون، اسان جي نظر ۾ 4 ٽي جو فيصلو عدالتي فيصلو آهي ٻئي طرف پ پ جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري چيو آهي ته سموري ملڪ مان پ پ جا عهديدار ۽ ڪارڪن سومر تي سُپريم ڪورٽ پهچندا، پ پ جي قيادت سُپريم ڪورٽ ٻاهران ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندي

لاڳاپيل پوسٽون

  • خيرپورناٿن ۾گوليون هڻي اڌڙوٽ قتل

  • سکر ۾ نوجوان ناري گوليون هڻي قتل

  • تل ابيب ۾ آمريڪي سفارتخانو بند

  • پاڪستان جو فلائيٽ آپريشن کي متاثر