خبریں آپ کے لئے!

چاہتے ہیں جدید معلومات؟

ہمارا مقصد آپ کو تازہ ترین خبریں اور معلومات فراہم کرنا ہے۔ یہاں آپ کو اہم موضوعات پر جامع تجزیات اور بصیرت ملیں گے۔ آئے، اور اپنی معلومات کو بڑھائیں، ہم ہمیشہ آپ کی خدمت میں ہیں۔

مضامین کی فہرست

ہمارا مقصد آپ کو diverse موضوعات پر قیمتی معلومات فراہم کرنا ہے۔ یہاں آپ مختلف اہم موضوعات پر لکھے گئے مضامین کو تلاش کر سکتے ہیں، جو کہ آپ کی معلومات میں اضافہ کریں گے۔

اہم موضوعات

یہاں آپ کو اہم خبروں اور تجزیوں کا مجموعہ ملے گا، جو آپ کی روزمرہ کی زندگی اور معلوماتی ضروریات کے لئے مفید ہوگا۔ ہماری تمام تحریریں سادہ اور آسان زبان میں پیش کی گئی ہیں۔

ہماری تازہ ترین معلومات کے لئے سبسکرائب کریں

ہماری ویب سائٹ پر آپ کو تازہ ترین خبریں اور دلچسپ مضامین ملیں گے۔ ہمیں یقین ہے کہ آپ کو ہماری معلومات فائدہ مند لگیں گی۔ اس لئے، براہ کرم سبسکرائب کریں تاکہ آپ ہماری تازہ ترین اپ ڈیٹس سے باخبر رہ سکیں۔

ہمارے قارئین

عمومی سوالات

آپ کے عمومی سوالات کے جوابات یہاں موجود ہیں۔
کیا میں ویب سائٹ پر مواد شائع کرسکتا ہوں؟

ہماری ویب سائٹ پر موجود معلومات آپ کے علم میں اضافہ کرنے کے لئے اہم ہیں۔ ہم ہر سوال کا جواب دینے کی کوشش کر رہے ہیں۔ اگر آپ کو مزید مدد کی ضرورت ہو تو بلا جھجھک ہم سے رابطہ کریں۔

سوالات کے جواب آپ کی رہنمائی کے لئے مختص ہیں۔ ہماری کوشش ہے کہ آپ کو جلدی اور صحیح جواب فراہم کریں تاکہ آپ کے خدشات دور ہو سکیں۔

ہمارا ہدف اپنے قارئین کو معلومات فراہم کرنا اور ان کی تشفی کرنا ہے۔ اگر کوئی سوال یا تجویز ہو تو آپ ہمیں بتا سکتے ہیں۔

ہمیں امید ہے کہ آپ کو یہاں دستیاب معلومات مفید لگیں گی۔ آپ کی رائے اہم ہے اور ہم اسے خوش دلی سے قبول کریں گے۔

اگر آپ کو مزید وضاحت یا معلومات چاہیے تو ہمارے مضامین کو دیکھیں۔ ہم مفید اور واضح معلومات فراہم کرنے کا عزم رکھتے ہیں۔

آپ کی خبریں کہاں سے لیکر آتی ہیں؟

ہماری ویب سائٹ پر آپ کے سوالات کے جوابات دینے کے لئے ایک پریس سیکشن بھی ہے جہاں آپ اپنے سوالات پیش کرسکتے ہیں۔

اگر آپ کو مزید سوالات ہیں تو آپ ہمارے روابط سے ہم سے رابطہ کرسکتے ہیں۔ ہم آپ کی خدمت میں ہازر ہیں۔

ہماری معلومات ہمیشہ موجود رہیں گی۔ برائے مہربانی بار بار وزٹ کریں اور نئے سوالات بھیجیں!

ہم آپ کے سوالات کا خیر مقدم کرتے ہیں۔ آپ کی تشویشات اور مشورے ہماری رہنمائی کریں گے۔

مزید معلومات اور سوالات کے لئے ہمیشہ ہماری مدد لائین تک رسائی حاصل کریں۔ ہم آپ کی مدد کے لئے حاضر ہیں۔

پِــرِتِ نه ڇِنَــنِ پاڻَ ۾

ماڻهو سَڀُ نه سُهڻا، پَکي، سڀ نه هَنجَ،

ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ مَنجهه اچي بوءِ بهار جي.

                 شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح اهو سدا حيات شاعر شمار ٿئي ٿو، جنهن پنهنجي شاعريءَ ۾ انساني زندگيءَ جي اڀياس کي تمام سهڻي نموني ظاهر ڪيو آهي. شاهه سائينءَ زندگيءَ جي سڀني رخن کي تمام اونهائيءَ سان پرکي انساني جيون لاءِ وڏا فائديمند سبق پيش ڪيا آهن.

شاهه صاحب ماڻهپي جي وصف بهار جي خوشبودار ٿڌيءَ هير سان ڀيٽيندي، ڄاڻائي ٿو ته، هيءَ دنيا ته الله تعاليٰ جي ٺاهيل ماڻهن سان ڀريل آهي. پر ماڻهپو هئڻ هڪ اهڙي وصف آهي، جيڪا ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه ئي آهي. ماڻهوءَ جي شڪل ۽ صورت عام حيثيت رکي ٿي. پر هن جون ماڻهپي جون خاصيتون کيس ٻين کان مٿانهون بنائين ٿيون. انهيءَ ماڻهپي کي شاهه سائين ٻين لفظن ۾ هن ريت به بيان ڪيو آهي:

وَڳَــرُ ڪيو وَتَنِ، پِــرِتِ نه ڇِنَــنِ پاڻَ ۾،

پَســو پَـکيــئَـڙَنِ ماڻِهــنــئان، مِــيــٺِ گَهـــڻـو.

(ڏهر- 5- 4)

ماڻهن کي محبت، ٻڌي، اتفاق ۽ ايڪي جو سبق ڏيڻ لاءِ شرمائڻ خاطر کين هدايت ڪئي اٿن ته پکين مان سکو، پر خود کي عقلمند ڄاڻندڙ، انڌ جي گهوڙي تي سوار، خود پرستيءَ جي خول ۾ قابو ماڻهو، سمجهندي به نٿو سمجهي ۽ نادانيءَ ڏي ٿو مڙي وڃي. اهو نٿو سوچي ته آئون هن ڌرتيءَ جو واڳ ڌڻي آهيان ۽ هن ڌرتيءَ جي حفاظت منهنجي ئي هٿن ۾ آهي.

هن ماڳ جي حفاظت ماڻهن جي هٿ ۾ آهي.

ڪم ڪار ڇا قيادت، ماڻهن جي هٿ ۾ آهي،

ماڻهو اڃا، هتان جا ماڻهو ٿي نه سگهيا نه ته،

قادر ته سونپي قدرت ماڻهن جي هٿ ۾ آهي.

ماڻهپو ڇا آهي؟ انهيءَ لاءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته ماڻهپو اهو فهم آهي، جنهن سان عبادتن ۽ رياضتن جي سختين کانسواءِ به پرين پسي سگهجي. ماٺ ۽ وچٿرو رهڻ ۾ ماڻهپو آهي. ابو بن ادهم موجب،  خدا جي مخلوق جي خدمت ۽ ساڻن پيار رکڻ ۾ ۽ انيڪ نيڪ اخلاقي وصفن ۾. پر اڄ هي سڀ خوبيون ختم ٿينديون پيون وڃن. ڏٺو وڃي ته هن دنيا ۾ ماڻهوءَ کي گهڻي ۾ گهڻو نقصان ماڻهن ئي پهچايو آهي. شاهه صاحب موجب ته:

ويٺي جَنِين وٽِ، ڏُکندو ڏاڍو ٿئي،

سا مَجلس ئي مَٽِ، جي حاصل هوءِ هزار جو.

(يمن ڪلياڻ- 25-8)

ماڻهوءَ جي  اندر جي ۽ ڪاٺيءَ جي پور جي خبر خاوند کي، وانگر ماڻهو پرکڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. ماڻهن تي ته بصر جي کلن وانگر مختلف تهه چڙهيل هوندا آهن. عام چوڻي آهي ته سون پرکجي ڪسوٽي، چاندي پرکجي باه. ماڻهو پرکجي تڏهن. جڏهن پاڙو پاڙي سان لائي. لالچين، خودغرضين، ماڻهپي جي خوبين کان وانجهيل ماڻهن جي ڪري نااتفاقيون پکڙجن ٿيون. اڄ هر ڪو پيو پاڻ کي سير ۽ سوا سير سمجهي. ڪو وقت هو، جو ماڻهو چوندا هئا ته هر هڪ کي هڪٻئي جي ڪم اچڻ گهرجي پر اڄ معاملو ابتڙ آهي. اڄ جي هن مادي دنيا ۾ مائٽيون، محبتون ۽ پيار ختم ٿيندا نظر اچن ٿا. مرڳو عزت جو معيار به حيثيت، مرتبو، مال ۽ دولت ڏسڻ ۾ اچي ٿو. پئسو رکندڙ باحيثيت ئي وڏو آهي، ڀلي هو عمر ۾ ننڍو هجي، پر سڀ وٽس سلامي آهن.

ايئن به آهي ته پنج آڱريون برابر نه آهن. سو سڀ ماڻهو ڪي خود غرض، لالچي، بي حيا، بدڪار ۽ اَوَگڻا نه آهن. هن دور ۾ به ڪيترا اهڙا ملهائتا ماڻهو ڏسڻ ۾ ايندا، جيڪي محبت، پيار، سچ، ايمانداري، انصاف، شجاعت، شرافت ۽ ساڃهه جا مجسما آهن. انيڪ نيڪ گڻن سان هو انسانيت جو فخر ۽ ماڻهپي جو مان ۽ شان آهن. انهيءَ ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته ڀلان ڀليءَ جو ڇيهه ڪونهي.  ڪاڪ ڪڪوريل ڪاپڙي اڃا به ڪي آهن هن ڪلجڳ ۾،  جن لاءِ تنوير عباسي صاحب پر اميد هوندي چئي ويا ته:

هَرِ ڪو ماڻهو موتيءَ داڻو،

هَرِ ڪـــا دِلِ هـــيـــرن کـــاڻ،

ڄـــاڻـــي تـــه ڏِسُ اڻ ڄـــاڻ.

ماڻهپي جون خوبيون ته بي حساب آهن، پر نبي سڳوريﷺ جي هن حديث کي ڏسنداسين، ته مسلمان اهو آهي، جنهن جي هٿ ۽ زبان کان ٻيو ماڻهو محفوظ هجي.  معلوم ٿئي ٿو ته اهو ئي ماڻهپي جو اعليٰ درجو آهي. هڪ ليکڪ موجب: دان هٿن جي سونهن، سٺا ٻول زبان جي سونهن، سٺا ٻول ٻڌڻ ڪنن جي سونهن آهن، تيئن دليون کٽڻ ۽ ڪنهن کي نه رنجائڻ ئي ماڻهپو آهي. هن انگريزي چوڻيءَ مطابق ته:

The Tree is judged by its Fruits

وڻ پنهنجي ميوي سان سڃاتو ويندو آهي، سو ماڻهو به پنهنجي قول ۽ عمل سان سڃاتو وڃي ٿو. جڏهن اسين پنهنجي آس پاس انساني اخلاقن جي وڻ کي پائيدار ڪري، ماڻهپي جو بنياد مضبوط ڪنداسين، تڏهن اهو ڦل اسان کي پنهنجن نسلن مان ۽ ايندڙ وقت مان ضرور ملندو.