پٽاٽن جي سينڪ جو سڀ کان وڏو دڪان کولڻ جو رڪارڊ قائم

پٽاٽن جي سينڪ جو سڀ کان وڏو دڪان کولڻ جو رڪارڊ قائم

هانگ ڪانگ (انٽريسٽنگ نيوز) چين جي سڀ کان وڏي سنيڪ ريٽيل چين، منگ منگ هينگ مينگ جي نئين سنيڪ ڪنگڊم، دنيا جي 6,500 کان وڌيڪ سنيڪ ڪمپنين کي گڏ ڪري گنيز ورلڊ رڪارڊ قائم ڪري ورتو. 12,000 چورس ميٽر جي ايراضي ۽ ڪل 35,000 کان وڌيڪ سنيڪ رکندڙسنيڪ ڪنگڊم  17 اپريل تي کولي وئي جنهن سان دنيا جي سڀ کان وڏي سنيڪ اسٽور جو گنيز ورلڊ رڪارڊ قائم ٿي ويو. سنيڪ ڪنگڊم خريدارن لاءِ منفرد تجربي لاءِ ٺاهي وئي آهي. داخلي رستو هڪ ڊگهو ‘سنيڪ ڪوريڊور’ آهي جيڪو شيشي سان ٺهيل آهي ۽ مختلف قسم جا رنگين سنيڪ رکيل آهن جيڪو گراهڪن کي اسٽور اندر رکيل سنيڪ جي جھلڪ ڏيکاري ٿو. ان کان علاوه، اسٽور جي ‘انسٽنٽ نوڊل سٽي’ سيڪشن ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي انسٽنٽ نوڊلز جا 3,500 کان وڌيڪ قسم رکيا ويا آهن. اهي ڪلاسيڪل کان وٺي ناياب نوڊلز آهن جن بابت ماڻهن ڪڏهن به نه ٻڌو آهي.