پٽن جون شاديون ٿيڻ بعد کين الڳ رهڻ ڏيو: مريم  

پٽن جون شاديون ٿيڻ بعد کين الڳ رهڻ ڏيو: مريم  

لاهور (ڪلچرل ڊيسڪ) اداڪاره مريم نفيس چيو آهي ته اسان جي دين ۾ آهي ته جڏهن پٽن جون شاديون ٿي وڃن ته کين الڳ رهڻ ڏنو وڃي.مريم نفيس ويجهڙ ۾ هڪ خانگي ٽي وي جي مارننگ شو ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن شاديءَ کانپوءِ سسن جي نهرن سان رويي بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي.اداڪاره چيو ته اسان جي دين ۾ آهي ته ٻارن جي شاديءَ کانپوءِ کين الڳ رهڻ ڏنو وڃي، ڇاڪاڻ ته هر ڪٽنب کي پرائيويسي ۽ پنهنجي اسپيس جي ضرورت هوندي آهي. هن چيو ته ”منهنجو پٽ عيسٰي اڃا ٻن سالن جو به ناهي ٿيو، پر مون سوچي ڇڏيو آهي ته جڏهن هو وڏو ٿيندو ۽ سندس شادي ٿيندي ته اسين کيس ڌار ڪري ڇڏينداسين، اسان مٿس ڪنهن به قسم جو بار نه وجهنداسين،  اهو سندس گهر واريءَ جو ڪم ناهي ته هوءَ اسان کي سنڀالي.“
اداڪاره موجب، جيڪڏهن ايترا وسيلا ناهن جو ماءُ پيءُ پٽ کي الڳ گهر ڏئي سگهن يا پٽ پاڻ وٺي سگهي ته ساهرن کي گهرجي ته نئين آيل ڪنوار کي سندس ڪمري ۽ رڌڻي لاءِ اسپيس ڏين،.مريم چيو ته جڏهن سَسُون اِهو سوچي ڇڏينديون آهن ته جيڪو اسين ڪري رهيون آهيون اهو ئي صحيح آهي ۽ نئون ڀاتي گهر ۾ ڪا به تبديلي نه ٿو ڪري سگهي، اتان ئي مسئلا پيدا ٿيندا آهن، ٿي سگهي ٿو ته نيئن آيل ڪنوار ڪجهه بهتر  ڪري.