| پٿوري ۾ ڪنڊيڪٽر هلندڙ بس تان شاگردن کي ڌڪو ڏئي ڇڏيو، 3 زخمي |
پٿورو (ن پ ا) پٿورو ھائير سيڪنڊري اسڪول پٿوري جي موڪل کان پوءِ واپس گھر ويندڙ شاگردن کي ھلندي بس مان ڪنڊيڪٽر ڌڪو ڏيئي ڇڏيو، جنهن سبب 3 شاگرد ڪري زخمي ٿي پيا. ان ڏس ۾ پٿورو گرھوڙ شريف روڊ تي ميران شاھ قبرستان وٽ بس عملي ڌڪا ڏئي بس ۾ سوار ٿيندڙ ٽي اسڪولي شاگردن کي بس مان ڌڪا ڏئي لاھيڻ ڪري ٽي شاگرد ڪري زخمي ٿي پيا زخمين ۾ ڳوٺ امام الدين نھڙي جو رھواسي ستين ڪلاس جو شاگرد امير علي پٽ صاحب الدين نھڙي ڇھين ڪلاس جو شاگرد عمران علي پٽ عطا حسين نھڙي ۽ نائين ڪلاس جو شاگرد علي غلام پٽ منظور نھڙي زخمي ٿي پيا جن کي اسڪول جي اسٽاف پاران تعلقا اسپتال پٿورو پھچايو جتي فرسٽ ايڊ ڏني جڏهن ته بس ڊرائيور موقعي تان بس سميت فرار ٿي ويو ئ ٻئي ھائير سيڪنڊري اسڪول جي پرنسپل تاراچند جو چوڻ آهي ته اڳ به ڪيترائي ڀيرا بس عمليپاران شاگردن کان ڊبل ڪرايو وٺڻ ۽ شاگردن سان بدتميزي ڪرڻ جون شڪايتون آيون آهن.