پچ تي گاهه هجڻ سبب 3 فاسٽ بالر ۽ هڪ آل رائونڊر کيڏايو، اسپنر جي ضرورت نه هئي: بابر اعظم

پچ تي گاهه هجڻ سبب 3 فاسٽ بالر ۽ هڪ آل رائونڊر کيڏايو، اسپنر جي ضرورت نه هئي: بابر اعظم

برمنگهم (اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو ته پچ تي ڪافي گاهه هو، جنهن جي ڪري ٽيم ۾ ٽن فاسٽ بالرز ۽ هڪ آل رائونڊر کي شامل ڪيو ويو. انگلينڊ خلاف ٽئين ٽيسٽ ۾ شڪست بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي بابر اعظم چيو ته پچ تي ڪافي گاهه هو، جنهن جي ڪري ٽيم ۾ ٽن فاسٽ بالرز ۽ هڪ آل رائونڊر کي شامل ڪيو ويو. مونکي نٿو لڳي ته ٽيم ۾ هڪ اسپنر جي ضرورت هئي، هن چيو ته پهرين اننگ ۾ وڏو اسڪور نه ڪري سگهياسين، انگلينڊ جي بيٽرن اسان کان بهتر راند کيڏي وڏي ليڊ حاصل ڪئي. هن چيو ته جيتوڻيڪ ٻئين اننگ ۾ ٽيم پاڻ سنڀالي ورتو  پر پهرين اننگ واري وڏي ليڊ شڪست جو سبب بڻي، اسان کي پنهنجون غلطيون تسليم ڪري انهن مان سکڻو پوندو. رضا الله جي بيٽنگ جي حوالي سان بابر اعظم چيو ته ٽيم پڻ سندس اننگز کي خوب انجوائي ڪيو. هن ٻڌايو ته هو رضا الله بابت گهڻو نه ڄاڻندو هو، بس اهو ٻڌو هو ته هو فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ سينچري ٺاهي چڪو آهي.