| پڊعيدن: شڪي ڀاءُ پرڻيل ڀيڻ کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو |
پڊعيدن (ن پ ا) پڊعيدن ۾ ڀاءُ پاران پرڻيل ڀيڻ کي ڪهاڙيون هڻي قتل ڪرڻ جي ڪوشش، ان ڏس ۾ ڳوٺ محمد يوسف ڀنڀرو ۾ جوابدار يوسف ڀنڀرو پنهنجي 23 ورهين جي ڀيڻ انيلا ڀنڀرو مٿان ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي رورل هيلٿ سينٽر فرسٽ ايڊ ڏئي نازڪ حالت ۾ نوابشاهه منتقل ڪيو ويو، هوڏانهن ايس ايچ او لعل ڏنو شر ٻڌايو ته ناري تي حملو ڪندڙ جوابدار يوسف ڀنڀرو کي گرفتار ڪيو آھي، پوليس سرڪاري مدعيت ۾ 5 جوابدارن يوسف ڀنڀرو، ساجد ڀنڀرو، گهنور ڀنڀرو، عزيز ڀنڀرو ۽ صابر ڀنڀرو خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو هو