پڊعيدن: مال گاڏي جون 2 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون 

پڊعيدن: مال گاڏي جون 2 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون 

پڊعيدن (ن پ ا) شھدادپور کان روهڙي ويندڙ مال گاڏي جون 2 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون،  رليف ٽرين پهچي ٽريڪ ڪليئر ڪيا، ان ڏس ۾ پڊعيدن ريلوي اسٽيشن جي آئوٽر سگنل وٽ شھداپور کان روهڙي ويندڙ مال گاڏي جون 2 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، ڊرائيور حاضر دماغي جو مظاهرو ڪندي ٽرين روڪي ورتي، حادثي  سبب اپ ۽ ڊائون ٽريڪ بلاڪ ٿي ويا، ريلوي انتظاميا ٻڌايو ته مال گاڏي ۾ پٿر ڀريا ويندا آھن، ٻئي طرف رليف ٽرين پهچي ٽريڪ ڪليئر ڪري ملت ايڪسپريس، رحمان بابا ايڪسپريس ۽ گرين لائين کي منزل طرف روانو ڪيو