| پڊعيدن: موبائل چارج ڪندي ڪرنٽ وگهي نينگر فوت: ڪهرام |
پڊعيدن (ن پ ا) پڊعيدن ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب نينگر فوت: گهر ۾ ڪهرام، ان ڏس ۾ پڊعيدن جي پٺاڻ ڪالوني ۾ 15 ورهين جو عرفان پٽ معشوق سنجراڻي گهر اندر موبائل چارج ڪندي بجلي جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ ڪري زخمي ٿيو جنهن کي رورل هيلٿ سينٽر پهچايو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي، انهي واقعي سبب گهر ۾ ڪهرام مچي ويو