پڊعيدن(رپورٽر))پڊ عيدن ويجهو علامه اقبال ايڪسپريس سان حادثو، 2 بوگيون پٽري تان لهي ويون، ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو، ٽريڪ 9 ڪلاڪ بند رهڻ بعد بحال ٿي ويو
ڪراچي کان سيالڪوٽ ويندڙ علامه اقبال ايڪسپريس جون ٻه بوگيون پڊ عيدن ويجهو حيدر واھه وٽ پٽڙي تان لهي ويون، جنهن سبب مسافرن ۾ دانهون ۽ ڪوڪون پئجي ويون
حداثي ۾ ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو جڏهن ته مسافرن ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو، ڀرپاسي جي علائقي مان ماڻهو گهرن مان نڪري آيا ۽ امدادي ڪمن ۾ حصو ورتو
ٽرين جون 2 بوگيون پٽڙي تان لهي وڃڻ سبب اپ ٽريڪ 9 ڪلاڪ بند رهيو جنهن سبب ايندڙ ۽ ويندڙ ٽرينن کي مختلف اسٽاپن تي روڪيو ويو
رليف ٽرين سکر کان پڊعيدن پهچي پٽڙين کي هٽائڻ ۾ حصو ورتو، اطلاع تي ڊي ايس سکر محمود الرحمان لاکو به پهچي ويو سندس چوڻ َهو ته تمام جلد ريلوي ٽريڪ بحال ٿي ويندي
رات دير سان علامه اقبال ايڪسپريس سان پيش آيل حادثي سبب بلاڪ ٿيل ٽريڪ 9 ڪلاڪن کان پوءِ بحال ڪيو ويو جڏهن ته پڊعيدن اسٽيشن تي بيٺل علامه اقبال ٽرين کي ڪراس ڪرايو ويو
ٻئي طرف ريلوي پوليس موجب ڪراچي کان سکر ويندڙ مختلف مسافر ٽرينن کي مختلف ريلوي اسٽيشن تي بيهاريو ويو آھي، مسافر ٽرين جي متاثر بوگين کي الڳ ڪري پڊعيدن اسٽيشن ۽ ڀرياروڊ ريلوي اسٽيشن تي مسافرن کي پهچايو ويو