پڊعيدن ويجهو ڳورهاري عورت تي تشدد

جُون 23, 2025

پڊعيدن ( پنهنجي ڊيسڪ )پڊعيدن ويجهو بااثرن جو ڳورهاري عورت تي مبينا تشدد، اسپتال منتقل، پڊعيدن جي ڳوٺ محمد حسن ملڪ ۾ بااثر حقن ملڪ ۽ سندس پٽن ڳورهاري عورت شهربانو ملڪ کي سروٽن جو وسڪارو ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي ناري کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کيس طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي، ان موقعي تي ناري جي ڏير  رجب ملڪ احتجاج ڪندي چيو ته ڀاڄائي کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو آهي، ڊاڪٽرياڻي ٻار کي نقصان پهچڻ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي، اعليٰ اختياريون معاملي جو نوٽيس وٺي ملوث  ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪن .

لاڳاپيل پوسٽون

  • وزيراعليٰ هائوس ڏانهن مارچ ڪندڙ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوار يرغمال

  • مورو جا ڳوٺاڻا بازياب، ڀنگ ڀرڻ جا چوٻول

  • مٽياري ڀرسان فصل مان ڳوٺاڻي جو لاش هٿ

  • چمبڙ ويجهو ٻارڙو پاڻي جي ٽانڪي ۾ ٻڏي فوت