نوشهروفيروز (رپورٽر) وفاقي وزير اطلاعات ۽ نشريات طور حلف کڻندڙ غلام مرتضيٰ سولنگي نوشھروفيروز جي شھر پڊعيدن جي وارڊ نمبر ٻه جو رھواسي آھي، سندس والد علي مراد سولنگي جو واسطو غريب گھراڻي ۽ راڳداري جو شوق سان ھو
مرتضيٰ سولنگي مئٽرڪ پڊعيدن هاءِ اسڪول، انٽر نوابشاھه ۽ گريجوئيشن ڪراچي مان ڪرڻ بعد اسٽيل مل ۾ ملازمت اختيار ڪئي بعد ۾ نوڪري ڇڏي، ڊان اخبار ۾ رپورٽر ٿيو ۽ 1988 ۾ پي ٽي وي تي سنڌ سينگار پروگرام ھوسٽ ڪيو
نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي 1988 ۾ آمريڪا ھليو ويو جتي ھن وائيس آف امريڪا ريڊيو تي ڪم ڪيو. 2007ع ۾ جڏھن محترمه بينظيرڀٽو شھيد ٿي ۽ پ پ جي حڪومت قائم ٿي ان وقت ھو ملڪ ۾ واپس آيو ۽ اسلام آباد ۾ رھائش اختيار ڪئي
مرتضيٰ سولنگي کي پ پ حڪومت پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ جو ڊي جي مقرر ڪيو، پ پ حڪومت ختم ٿيڻ بعد مختلف اردو ٽي وي چئنلن ۾ ڪم ڪيو
غلام مرتضيٰ سميت پاڻ ۾ پنج ڀائر ھئا جن مان 2 ڀائر فوت ٿي ويا باقي ٽي ڀائر حيات آھن، غلام مرتضيٰ سمورن ڀائرن ۾ وڏو آھي جڏھن ته ھڪ ڀاءُ شاھنواز سولنگي فنڪار آھي ۽ ٻيو ڀاءُ علي نواز سولنگي ٽي وي اداڪار ۽ صحافي آھي