پکو ويجهو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ نئون ڳوٺ بادشاهه کٽي ورتي: فائنل ۾ شاهه لطيف وڳڻ کي شڪست

پکو ويجهو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ نئون ڳوٺ بادشاهه کٽي ورتي: فائنل ۾ شاهه لطيف وڳڻ کي شڪست

پکو (ن پ ا) پکو ويجهو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ نئون ڳوٺ بادشاهه چيمپيئن بڻجي وئي. نئون ڳوٺ ۾ نوجوانن جي سھڪار سان منعقد ڪيل شاندار ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڪاميابيءَ سان پنهنجي پڄاڻي تي پھتو، جنهن ۾ علائقي جي 11 ٽيمن وچ ۾ سخت ۽ دلچسپ مقابلا ٿيا، ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ نئون ڳوٺ بادشاهه ۽ شاهه لطيف وڳڻ جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون، جتي نئون ڳوٺ بادشاهه ٽيم شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي 157 رنسون ٺاهي فائنل پنهنجي نالي ڪري ٽورنامينٽ جي چيمپيئن بڻجي وئي، فائنل مقابلي دوران ٻنھي ٽيمن جي رانديگرن اعليٰ معيار جي راند پيش ڪئي، جنهن تي گرائونڊ ۾ موجود سوين شوقينن ڀرپور تاڙيون وڄائي سندن همت افزائي ڪئي، نئون ڳوٺ بادشاهه ٽيم جي رانديگر ياسر  77 رنسون اسڪور ڪيون، جنهن عيوض کيس مين آف دي مئچ قرار ڏنو ويو، ٽورنامينٽ ۾ ٿرڙي هاشم، جيئو چانڊيا، پيرڪوٽ، شير بلوچ، حيدري سامٽيو، گھوگھارو، تنوير بلوچ ڳڙهي، نئون ڳوٺ ينگ شاهين، شاهه لطيف وڳڻ، الحسيني پکو ۽ نئون ڳوٺ بادشاهه سميت مختلف ٽيمن شرڪت ڪئي، مختلف ٽيمن جي اڳواڻي ڪليم جتوئي، اياز چانڊيو، مصطفيٰ خاصخيلي، علي گوهر، حميد سامٽيو، علي رضا سولنگي، عرفان چانڊيو، شاهنواز بروهي ۽ حافظ وسيم احمد تونيہ ڪئي، اختتامي تقريب ۾ فاتح نئون ڳوٺ بادشاهه ٽيم کي ٽرافي سان گڏ 5 هزار رپيا نقد انعام، جڏهن ته رنر اپ شاهه لطيف وڳڻ ٽيم کي ٽرافي ۽ 2 هزار رپيا نقد انعام ڏنو ويو، ان موقعي تي معزز شخصيتن علي جان سولنگي، گل انقلابي ۽ ٻين  چوڻ هو ته اهڙيون راندين جون سرگرميون نوجوانن ۾ اتحاد، نظم و ضبط، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي هٿي ڏين ٿيون، تنهن ڪري اهڙن راندين جي مقابلن جو سلسلو مستقبل ۾ به جاري رهڻ گھرجي .