| پکو ۾ مقتول جي وارثن ڏانهن ميڙ: جوابدار پيش ڪرائڻ جو شرط |
پکو (ن پ ا) لاڙڪاڻي ۾ ڪجھه مھينا اڳ فائرنگ ۾ ڳوٺ علي حسن مغيري جو چڱو مرس حضور بخش مغيري مارجي ويو هو، قتل ٿي ويل حضور بخش مغيري جي وارثن وٽ مختلف برادري جي اڳواڻن طرفان ميڙ منٿ قافلو پھتو، مقتول جي سئوٽ علي اصغر مغيري ڀاءُ سجاد مغيري ۽ سندس جي چاچي شمن مغيري طرفان قافلي کي راڄوڻي فيصلي لاءِ شرط رکي ڇڏيا، ميڙ منٿ قافلي سان آيل مختيار چانڊيو، ناياب سرڪش، صدام بليدي، اظھر بليدي، احسان جوڻيجو ۽ ٻين چيو ته اسان امن جو پيغام کڻي مغيري ڌر وٽ پھتا آھيون، مغيري ڌر طرفان ڪجھه مطالبا رکيا ويا آھن اهي مطالبا اسان مالڪن آڏو رکنداسين، جيئن وڌيڪ خون ريزي نه ٿيئي، هوڏانھن قتل ٿي ويل حضور بخش مغيري جي وارثن ميڙ منٿ قافلي کي مان ڏيندي چيو آھي ته اسان جو مطالبو آهي ته اڳ ۾ قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندا وڃن، پوءِ فيصلي لاءِ راضي آهيون.