پکين جي تحقيق بعد اڏامندڙ ۽ ترندڙ روبوٽ تيار

پکين جي تحقيق بعد اڏامندڙ ۽ ترندڙ روبوٽ تيار

واشنگٽن (انٽريسٽنگ نيوز) ميساچوسٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي (ايم آءِ ٽي) هڪ منفرد روبوٽ تيار ڪيو آهي جيڪو پکين وانگر اڏامي سگهي ٿو ۽ مڇي وانگر تري به سگهي ٿو. هي 300 ڊالر جو روبوٽ آهي. سائنسدانن جو خيال آهي ته هي هلڪو روبوٽ مستقبل ۾ سمنڊ جي حفاظت ۽ نگراني لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿو. ايرو ايڪواٽڪ روبوٽڪس ٽيم هي روبوٽ تيار ڪيو آهي، جيڪو هڪ ڊائيونگ پکي جهڙو نظر اچي ٿو جيڪو پنهنجي پرن کي هوا ۾ اڏامڻ ۽ پاڻي ۾ ترڻ لاءِ استعمال ڪري ٿو. سائنسدانن موجب ماضي ۾ ڊائيونگ پکين جي پرن، ترڻ ۽ اڏامڻ تي تحقيق ڪئي وئي آهي پر هيستائين ڪو به اهو معلوم نه ڪري سگهيو هو ته هڪ فعال روبوٽ ۾ اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو. اهو ئي سبب آهي ته انهن پکين تي ڪيل تحقيقي ڪم جو جائزو ورتو ۽ پوءِ روبوٽ تيار ٿيو. انهن هڪ 250 گرام جو روبوٽ تيار ڪيو جنهن کي فليپنگ ايريل ايڪواٽڪ گاڏي سڏيو ويندو آهي، جيڪو بيٽري سان هلندڙ موٽر تي ڪم ڪري ٿو. ان ۾ نائلون جا پر ۽ هڪ پڇ پاڻي کي روڪڻ واري نانو ذرڙن جي آهي. سائنسدانن مطابق هي روبوٽ هوا ۽ پاڻي ۾ فرق نٿو ڪري سگهي ۽ ان جي پرن کي هڪ مخصوص فريڪوئنسي تي منتقل ڪرڻ لاءِ پروگرام ڪيو ويو آهي. هي روبوٽ 13.4 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان اڏامي سگهي ٿو جڏهن ته 2.2 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان ترندو آهي. مجموعي طور تي، اهو 2 ڪلوميٽر تائين تري ۽ هڪ ئي چارج تي 6 ڪلوميٽر تائين اڏامڻ جي صلاحيت رکي ٿو، پر ان جو اڃا تائين تجربو نه ڪيو ويو آهي. ان کي هڪ سال تائين آزمايو ويو، پهرين ميساچوسٽس ۾ هڪ پاڻي جي ٽانڪي ۾ ۽ بعد ۾ سوئٽزرلينڊ جي ڍنڍ جنيوا ۾.