پکين جي شڪاري 90ڏوهارين خلاف ڪارروائي

مَي 27, 2023

سانگهڙ ( رپورٽر) سانگهڙ جي عدالت پکين جي شڪار وارن ڪيسن ۾ پيش نه ٿيڻ تي 90 ڄڻن کي اشتهاري قرار ڏئي خاندانن جا تفصيل طلب ڪرڻ سان گڏ سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

رائيلڊ لائيف کاتي جي آفيسر  اسد مري “ پنهنجي ويب” سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته پکين جي شڪار جي حوالي سان متعارف ڪرايل نئين قانون تحت جوابدارن خلاف ڪارروايون تيز ڪيون ويون آهن

هن ٻڌايو ته 2020ع ۾ پکين جي شڪار جي حوالي سان منظور ڪيل قانون تحت سانگهڙ جي عدالت 90 جوابدارن کي پيش نه ٿيڻ توڙي ڪيسن جي پوئواري نه ڪرڻ تي  اشتهاري قرار ڏئي خاندان جا تفصيل پيش ڪرڻ سان گڏ سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

هن چيو ته نئين قانون جا فائدا ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن پکين جي شڪار ۾ توڙي جانورن جي غيرقانوني واپار  گهٽتائي اچي وئي آهي

اسد مري جو چوڻ هو ته پکين ۽ جانورن کي بهتر ماحول ڏيڻ ۾ شهري اسان جي مدد ڪن ته جيئن پکين ۽ جانور دشمنن کي انجام تائين پهچائي سگهون

Leave A Comment