پکين جي شڪار کان روڪڻ تي مارجي ويل نوجوان جي احتجاجي وارثن تي دهشتگردي ڪيس داخل، مظاهرو

پکين جي شڪار کان روڪڻ تي مارجي ويل نوجوان جي احتجاجي وارثن تي دهشتگردي ڪيس داخل، مظاهرو

ٽنڊو محمد خان (رپورٽر)  ٽنڊو محمد خان ۾ بلڙي شاھ ڪريم جي ويجهو پکين جي شڪار تان قتل ٿي ويل ڳوٺاڻي حسين ملاح جي وارثن ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب ڦليلي روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ، احتجاجي ڌرڻي ۾ شامل قتل ٿيل حسين ملاح جي ڀاءُ امير ملاح ، انور ملاح ، برادي ملاح ، ملاح فورم جي مرڪزي اڳواڻ عبدالسميع انصاري ، منصور ملاح ۽ ٻين چيو ته اسان جي ڳوٺاڻي حسين ملاح تي پکين جي شڪار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري کيس بيدردي سان قتل ڪيو هو ، جنهن جي ايف آءِ آر لاءِ بلڙي شاھ ڪريم پوليس سندن مرضي موجب ايف آءِ آر ۾ مک جوابدار يوسي چيئرمين شير يزدان شاھ جي بجاءِ ٻين ٽن جوابدارن جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي جيڪا اسان ان وقت به قبول نه ڪئي هئي پر بلڙي شاھ ڪريم پوليس زبردستي ايف آءِ آر داخل ڪري ڇڏي جنهن کانپوءِ اسان مرضي موجب ايف آءِ آر داخل نه ڪرڻ تي بلڙي شاھ ڪريم جي ڪپور موري پوليس پوسٽ ڀرسان پنهنجو پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرايو ، جنهن تي اسان کي ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان سان ڳالهيون ڪرڻ جو چئي احتجاج ختم ڪرايو ويو پر ان جي بعد بااثر جوابدار جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ بجاءِ وري اسان جي برادري جي 40 کان 50 ماڻهن تي دهشتگردي ايڪٽ جي تحت بلڙي شاھ ڪريم پوليس ايف آءِ آر داخل ڪري ڇڏي، جنهن ۾ اسان جي پرامن احتجاج کي دهشتگردي ڄاڻايو ويو آهي اسان سان انصاف نه ڪيو ويو ته اسان ٽنڊو محمد خان جي بلڙي شاھ ڪريم روڊ سميت سمورن روڊن رستن تي ڌرڻا هڻي ملاح فورم جي طرفان سڄي سنڌ اندر احتجاجي مظاهرا ڪنداسين جيستائين واقعي جي مک جوابدار يوسي چيئرمين شير يزدان شاھ کي ايف آءِ آر ۾ نامزد نه ڪيو ويندو ۽ سمورا جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا ته احتجاج جاري رکيو ويندو ، بلڙي شاھ ڪريم ٿاڻي تي ڪپور موري اسٽاپ تي احتجاج ڪندڙ ملاح برادري جي منصور ملاح ، شبير کوڏيو ، جنگلي ملاح ، محمد رحيم عرف گڊو ملاح 40 کان 50 ماڻهو نامعلوم تي دهشتگردي ايڪٽ ۽ روڊ بلاڪ ڪرڻ جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي پر ان ايف آءِ آر کي بلڙي شاھ ڪريم پوليس ظاهر ڪرڻ کان انڪار ڪري رهي آهي دهشتگردي جا قلم ان ۾ شامل ڪيا ويا آهن ، ڳوٺاڻي حسين ملاح جي قتل واري واقعي ۾ ڄاڻايل جوابدار حبيب جماري ۽ سندس پٽ گلي جماري کي سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد جي عدالت 7 ڏينهن لاءِ حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي جنهن ۾ هڪ جوابدار ناظم ملاح اڳ ئي پوليس وٽ حراست ۾ ورتل آهي پر سندس گرفتاري پوليس ظاهر نه ڪئي آهي .