پکي ڀرسان ڪڪڙن جي ميل جو 231 ڄڻن تي ڪيس داخل

پکي ڀرسان ڪڪڙن جي ميل جو 231 ڄڻن تي ڪيس داخل

قمبر (رپورٽر) پکو ڀرسان ڳوٺ خيرپور جوسو ۾ ڪڪڙن جي ميل تي پوليس جي ڇاپي واري واقعي جو سرڪار جي فرياد تي اي ايس آء شبير احمد ٽوٽاڻي جي 231 ڄڻن مٿان جوا ايڪٽ تي ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن  ۾ 31 ڄڻن کي گرفتار ڏيکاريو ويو آهي جڏهن ته ٻين کي ڀڳل ڏيکاريو ويو آهي، هڪ لک 77 هزار روپيا جوابدارن کان هٿ اچڻ، جڏهن ته 130 موٽر سائيڪلون ۽ 3 ڪارون تحويل ۾ وٺي انهن مٿان قلم هڪ سئو 31 جي ڪاروائي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 2 ميل جا ڪڪڙ به هٿ ڪيا آهن، گرفتار ٿيلن ۾ قائم الدين لغاري، ظفر گوپانگ خليل مغيري،غلام سرور بروهي، جان محمد چانڊيو عبدالجبار چانڊيو، مٺل بروهي،عزيز احمد اسراڻ ۽ ٻيا شامل آهن، ياد رهي ته ڳوٺ خيرپور جوسو ۾ ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس ڪڪڙن جي ميل تي ڇاپو هنيو.