| پکي کي بچائڻ لاءِ همراهه حياتي خطري ۾ وجهي ڇڏي، هيرو قرار |
نئين دهلي (انٽريسٽنگ نيوز) پکي کي بچائڻ لاءِ همراهه حياتي خطري ۾ وجهي ڇڏي، کيس هيرو قرار ڏنو ويو، ننڍڙو پکي بجلي ٿنڀي تارن ۾ وچڙجي ڦاسي پيو، کيس ڏسي نوجوان کي رحم آيو،رحمدل شخص بلندي ۽ خطري جي پرواهه نه ڪندي ڪرين کڻي پهچي پکي کي لاٿو، ڪجهه لمحن جي سنسني ڪوششن کانپوءِ پکي آزاد ٿي اڏري آسمان تي هليو ويو، ڀارتي ميڊيا موجب اهو واقعو رياست پنجاب ۾ پيش آيو جتي هڪ پکي اسٽريٽ لائٽ ويجهو بجلي جي تارن ۾ بري طرح ڦاسي پيو هو. خوف ۾ ورتل معصوم پکي نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو ناڪام رهيو، ان واقعي جي وڊيو وائرل ٿيندي صارفين ان شخص کي خاموش هيرو، انسانيت جو مثال ۽ رحمدل بهادر قرار ڏنو. ڪيترن ئي ماڻهن چيو ته اڄ جي دور ۾ اهڙيون وڊيوز اميد ڏيارين ٿيون ته انسانيت اڄ به زندهه آهي، هي واقعو ثابت ڪري ٿو ته ڪڏهن ڪڏهن هڪ ننڍڙي همدردي به ڪنهن جان لاءِ پوري دنيا بڻجي وڃي ٿي.