فيض گنج (رپورٽر) تعليم کاتي جي نا اهلي، پڪا چانگ ۾ پرائمري اسڪول ۾ پکا هڻائڻ لاءِ شهري چندو وٺڻ تي مجبور ٿي ويو
پڪا چانگ جي مين پرائمري اسڪول ۾ پکا نه آهن جنهن ڪري سماجي ورڪر اسڪول ۾ پکا لڳائڻ لاءِ جهولي کڻي دڪاندارن کان چندو وصول ڪرڻ لڳو
فيض گنج فيض جي هيڊ ڪواٽر واري شهر پڪاچانگ جي مين پرائمري اسڪول جا 12پکا چور چوري ڪري ويا هئا جنهن ڪري معصوم ٻار سخت گرمي ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن
سماجي ورڪر مدد علي سنڌي چيو ته اسڪول ۾ پکا هڻائڻ لاءِ شهرين کان چندو گڏ ڪري رهيو آهيان ته جئين معصوم ٻار گرمي کان بچي سگهن
هن چيو ته پرائمري اسڪول قائم ٿيل آهي اتي ٽي اي او پرائمري سميت سموري تعليم کاتي جا آفيسر موجود هوندا آهن پر سندن نااهلي سبب اسڪول ۾ پکا به لڳائي نه سگهيا آهن