ننڍي عمر ۾ شادي ڪندڙ گهوٽ ڪنوار ٻيا گرفتار
جُون 12, 2025
فيض گنج ( پنهنجي ڊيسڪ ) فيض گنج ڀرسان نينگري جي شادي جي اطلاع تي پوليس جي ڪارروائي ڪندي گهوٽ ڪنوار ۽ ٻين کي گرفتار ڪري ورتو
پڪا چانگ جي شر ڪالوني ۾ نينگري جي شادي جي اطلاع تي پوليس ڇاپو هڻي هڻي ڪنوار سهانا شر، سندس والد يوسف شر، گهوٽ عديل شر، سندس والد ۽ مولوي فرمان ميمڻ کي گرفتار ڪري ورتو
ان موقعي تي پوليس جو چوڻ هو ته نينگري جي شادي ڪرائي پئي وڃي
جنهن تحت ڪارروائي ڪري گهوٽ ڪنوار ۽ ٻين حراست ۾ ورتو آهي
پوليس جو چوڻ هو ته سهانا شر جي عمر ننڍي آهي، سندس سڃاڻپ ڪارڊ ٺهيل ناهي، کين عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.