پڪو قلعو قومي ورثو قرار: سنڌ جي قومپرستن ۽ ساڃاهه وندن قبضا ختم ڪرائي قلعو اصل حالت ۾ بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

آگسٽ 29, 2023

حيدرآباد:(رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ جي ساڃاهه وندن ۽ قومپرست اڳواڻن تاريخي پڪي قلعي جي ديوار ٽوڙائي رهائشي پلازه تعمير ڪرائڻ واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته قومي ورثي تان فوري طور قبضا ختم ڪرائي قلعي کي اصل حالت ۾ بحال ڪيو وڃي

 پنهنجي اخبار سان رابطي ڪرڻ تي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو ته سنڌ ۾ پڪي قلعي ۽ ڪارونجهر سميت ڪو به تاريخي ماڳ محفوظ ناهي پڪي قلعي جي ديوار ٽوڙائي اتي رهائشي پلازه جي تعمير کي هو جعلسازي جو ڪاروبار سمجهن ٿا اها ليز مستقل بنيادن تي ڪينسل ڪرائي ان عمل ۾ ملوث کاتي جي عملدارن خلاف به اثرائتي ڪاروائي ڪئي وڃي

 هن چيو ته قومي ورثي سان هٿ چراند ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي ۽ معاملو حل نه ٿيو ته هو ڪمشنر آفيس جو گهيراءِ ڪندا

عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نوراحمد ڪاتيار چيو ته پڪي قلعي جي ايراضي تي قبضو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي بلڊر مافيا ۽ کيس پلازه ٺاهڻ جي اجازت ڏيندڙ عملدارن تي ڪيس داخل ڪيو وڃي

هن چيو ته سنڌ جي ثقافتي ماڳن ۽ تهذيبي ورثن جو تحفظ ڪرڻ بدران سنڌ جا حڪمران وڪرو ڪري رهيا آهن جنهن جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي گهٽ آهي فوري طور ليز ڪينسل ڪري ذميوار ماڻهن خلاف اثرائتي ڪاروائي ڪئي وڃي

جيئي سنڌ قومي محاذ جي سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته سنڌ جي تاريخي ماڳ مڪانن سان هميشه هٿ چراند ٿيندي رهي آهي جنهن ۾ باهران کان آيل ماڻهون ملوث آهن ڇا ڪاڻ ته کين سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جي ڪا ڄاڻ ئي ناهي

 هن چيو پ پ 15 سال سنڌ تي حڪومت ڪئي پر تاريخي ورثن کي به محفوظ ناهي بڻائي سگهي پر هو قلعي سان هٿ چراند برداشت نه ڪندا ۽ سندن مطالبو آهي ته فوري طور پڪي قلعي تان قبضو ختم ڪرائي کيس اصل حالت ۾ بحال ڪيو وڃي

 پنهل ساريو چيو ته بنيادي طور تاريخي ماڳن جي ليز جو ڪو جواز ٺهي ئي نه ٿو پر سنڌ واسين جي قومي ورثن تي قبضي لاءِ ڪڏهن ڪارونجهر ته ڪڏهن پڪي قلعي جي زمين بابت ليز سامهون اچي وڃي ٿي اهو غير آئيني ۽ غيرقانوني عمل آهي جنهن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي

هن چيو ته وقت جي سرڪار کي پڪي قلعي جي زمين بابت ليز ڏيڻ بدران ان جي متاثر ٿيندڙ جوڙجڪ کي اصل حالت ۾ آڻڻ لاءِ قبضا ختم ڪرايا وڃن جيئن تاريخي ورثو هميشه لاءِ محفوظ بڻجي سگهي

 نامياري اديب تاج جويو چيو ته پڪي قلعي جي ليز سمجه کان ٻاهر آهي اها ڳاله بدمعاشي جي ذمري ۾ اچي ٿي ان ڪري فوري غيرقانوني ليز رد ڪئي وڃي

هن چيو ته اڳ ئي قلعي جي اندر توڙي باهر چوڌاري قبضا ٿيل آهن اڳ به قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن شروع ٿيو اهو بنا نتيجي ختم ٿي ويو هاڻي سرڪار قلعي ۾ رهائش پذير ماڻهن کي خالي پيل ليبر فليٽس ۾ منتقل ڪري قلعي کي محفوظ بنائڻ لاءِ جوڳا قدم کڻي

 دانشور ذوالفقار هاليپوٽو چيو ته پڪو قلعو ۽ ڪچو قلعو حيدرآباد جي سونهن ۽ سنڌ جا تاريخي ماڳ آهن جن جي مالڪي ڪرڻ سرڪار جي ذميواري آهي پڪي قلعي جي چئني پاسن کان اڳ ئي حددخلين ۽ قبضن جي آزار سبب اصل حالت تمام گهڻي متاثر ٿي آهي ان کي اصل حالت ۾ آڻڻ لاءِ اتي آباد ٿيل ماڻهن کي ڪوهسار سميت ٻي خالي پيل سرڪاري زمين الاٽ ڪري قلعو خالي ڪرايو وڃي جڏهن ته رهائشي مقصد لاءِ جاري ليز به فوري ڪينسل ڪرائي وڃي

Leave A Comment