پڪو ڪريو: اين پي آءِ ڊبليو ملازمن جو سنڌ سيڪريٽريٽ آڏو ڌرڻو: چڪريون: 20 گرفتار  

پڪو ڪريو: اين پي آءِ ڊبليو ملازمن جو سنڌ سيڪريٽريٽ آڏو ڌرڻو: چڪريون: 20 گرفتار  

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ آڏو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندڙ اين پي آءِ ڊبليو ملازمن تي پوليس ڪڙڪي پئي، 20 کان وڌيڪ ملازم گرفتار، ڪيترائي ملازم پاڻ ڇڏائڻ بعد سنڌ سيڪريٽريٽ کان پريس ڪلب پهچي ويا،ان ڏس ۾ ڪالهه اين پي آءِ ڊبليو ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ سنڌ سيڪريٽريٽ جي مُک گيٽ اڳيان ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته اهي سال 2005 کان ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪري رهيا آهيون، کين پڪو نه پيو ڪيو وڃي، هنن چيو ته اسان کي ڪيترائي ڀيرا خاطري ڪرائي وئي آهي، انهي باوجود سرڪار پنهنجي خاطري تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار  ناهي. هنن چيو ته جيستائين اسان کي پڪو نه ڪيو ويندو تيستائين احتجاج جاري رکنداسين. ملازمن جي ڌرڻي سبب سنڌ سيڪريٽريٽ جو وهنوار متاثر رهيو. جنهن بعد پوليس ملازمن تي ڪڙڪي پئي، 20 کان وڌيڪ ملازمن کي گرفتار ڪري مختلف ٿاڻن تي منتقل ڪيو ويو، گرفتاري کان بچي ويل ملازم ٻيهر ڪراچي پريس ڪلب پهچي ويا. جتي احتجاجي ڪيمپ قائم ڪئي وئي هئي..