پڪ آهي ته هاڻ آمريڪا اسان تي حملو ڪندو: ڪولمبيا جو صدر

پڪ آهي ته هاڻ آمريڪا اسان تي حملو ڪندو: ڪولمبيا جو صدر

بگوٽا (م ڊ) ڪولمبيا جي صدر گسٽاوو پيٽروچيو آهي ته مونکي يقين آهي ته آمريڪي فوج وينزويلا کان پوءِ ڪولمبيا خلاف ڪارروائي ڪندي. بي بي سي سان ڳالهائيندي ڪولمبيا جي صدر پيٽرو چيو ته آمريڪا ٻين ملڪن کي پنهنجي ملڪيت سمجهي رهيو آمريڪا دنيا تي غلبو حاصل ڪرڻ کان دنيا کان الڳ ٿيڻ ڏانهن وڌي رهيو آهي. هن آمريڪي اميگريشن ۽ ڪسٽم انفورسمينٽ ايجنٽ ICE تي نازي برگيڊ وانگر ڪم ڪرڻ جو الزام هنيو.