اسلام آباد(بيورورپورٽ) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار مالي سال 24-2023ع لاءِ بجيٽ پيش ڪري ڇڏي آهي.
ناڻي واري وفاقي وزير دعويٰ ڪئي آهي ته بجيٽ ۾ ڪو به نئون ٽيڪس نه لڳايو ويو آهي.
هن چيو ته يوناني دوائن تي هڪ سيڪڙو ٽيڪس لڳايو پيو وڃي، سيڪنڊ هينڊ ڪپڙن تي 10 سيڪڙو ريگوليٽري ڊيوٽي ختم ڪئي پئي وڃي.
وفاق جي ڪل آمدني جو ڪاٿو هڪ پدم 44 کرب 60رپيا لڳايو ويو آهي، جنهن ۾ 7 هزار 500 ارب رپين جو خسارو آهي.
ايف بي آر جي اوڳاڙين جو هدف 92 کرب رپيا، نان ٽيڪس آمدني 29 کرب 63 ارب رپيا لڳايو ويو آهي.
بجيٽ ۾ جاري خرچن لاءِ هڪ پدم 33 کرب 20 ارب رپيا رکيا ويا آهن، ترقياتي خرچن لاءِ 1140 ارب رپيا رکيا ويا آهن.