پگهارن ۾ واڌ جو وزيراعظم نوٽيس ورتو

جُون 12, 2025

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) وزيراعظم سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي پگهارن ۾ واڌ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف چيئرمين سينيٽ، ڊپٽي چيئرمين سينيٽ، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي جي پگهارن ۾ واڌ جو نوٽيس ورتو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ان حوالي سان اسپيڪر ۽ چيئرمين سينيٽ کان رپورٽ طلب ڪئي آهي.

ذريعن موجب وزيراعظم رپورٽ جي روشني ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر، چيئرمين ۽ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين جي پگهارن ۾ واڌ جو فيصلو ڪندو.

ياد رهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو ۽ پينشن ۾ 7 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ سينيٽ جي اسپيڪر ۽ چيئرمين جي پگهارن ۾ واڌ تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي.

ڪالهه جڏهن صحافي پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ۾ ان بابت پڇيو ته ناڻي واري وزير وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن، چيئرمين ۽ اسپيڪر جي پگهارن ۾ واڌ جو دفاع ڪندي چيو ته 2016 کان وٺي انهن جي پگهارن ۾ واڌ نه ٿي آهي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • جهول ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب پورهيت فوت

  • حيدرآباد ۾وڏي ڀاءُ هٿان ننڍو ڀاءُ قتل

  • ڀان سيد آباد ۾ حادثو، پيرسن عورت فوت

  • قاضي احمد ڀرسان ٿيل مقابلي جو ڪيس داخل