اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايندڙ مالي سال 24-2023ع جي بجيٽ اڄ قومي اسيمبلي ۾ پيش ٿيندي، اڄ جمعي ڏينهن شام 4 وڳي ٿيندڙ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ناڻي وزير اسحاق ڊار ايندڙ مالي سال جي بجيٽ پيش ڪندو
ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جو ڪل تخمينو 14700 ارب هجڻ جو امڪان آهي. ايف بي آر کي ٽيڪس وصولين جو هدف 9200 ارب، نان ٽيڪس روينيو جو هدف 2800 ارب رکڻ جي تجويز آهي
قرضن ۽ وياج جي ادائگي لاءِ 7300 ارب، مختلف سبسڊيز لاءِ 1300 ارب، ترقياتي بجيٽ لاءِ 1150 ارب، دفاع لاءِ 1800 ارب، چونڊيل نمائندن جي اسڪيمن لاءِ 90 ارب، وزيراعظم جي اسڪيمن لاءِ 80 ارب، وزارتن جي جاري خرچن لاءِ 650 ارب، پينشن لاءِ 700 ارب رکڻ جو امڪان آهي
صوبن کي 5244 ارب منتقل ڪرڻ سان گڏ بجيٽ خسارو 7 هزار ارب کان وڌيڪ هجڻ جو امڪان آهي. بجيٽ خسارو جي ڊي پي جو 6.4 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي
ذريعن مطابق وفاقي حڪومت گريڊ هڪ کان گريڊ 16 تائين جي ملازمن جي پگهارن ۾ 20 کان 30 سيڪڙو، گريڊ 16 کان مٿين گريڊ جي ملازمن جي پگهارن ۾ 15 کان 20 سيڪڙو اضافي سان گڏ 20 سيڪڙو پينشن ۾ اضافي ڪرڻ جي تجويز تي غور ڪري رهي آهي
پگهارن ۾ واڌ سوڌو اهم بجيٽ جي انگن اکرن کي حتمي صورت قومي اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ ٿيندڙ ڪابينا اجلاس ۾ حتمي منظوري ڏني ويندي
ڊالر ايمنسٽي اسڪيم، سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ ناڻو اماڻڻ تي رعايتن جي اعلانن جو به امڪان آهي جڏهن ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ 500 ارب رکيا ويندا
ٻئي طرف عالمي مالياتي ادارو آءِ ايم ايف حڪومت جي خواهش موجب ايندڙ مالي سال دوران ٽيڪس وصولين جو هدف9800 ارب رپين کان گهٽائي 9200 ارب رپيا رکڻ تي راضي ٿي ويو آهي
ان ڏس ۾ ذريعن موجب حڪومت پاران ايندڙ مالي سال لاءِ ٽيڪس وصولين جو هدف 9200 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، بجيٽ ۾ 1600 اربن کان وڌيڪ جا ٽيڪس هدف رکيا ويندا، 510 اربن جا ٽيڪس مني بجيٽ ۾ لڳي چڪا آهن
ذريعن جو چوڻ آهي ته 200 ارب رپين جا نوان ٽيڪس فنانس بل ذريعي لڳندا، مجموعي طور تي ايف بي آر ٽيڪس وصولين ۾ هلندڙ مالي سال جي ڀيٽ ۾ ايندڙ مالي سال 1900 ارب واڌو گڏ ڪندو
ذريعن موجب نان فائلرز لاءِ ميوچل فنڊز ۽ ريئل انويسٽمينٽ ٽرسٽ تي 30 سيڪڙو کان وڌيڪ ٽيڪس جو فيصلو ڪيو ويو اهي، بجيٽ ۾ درآمدي لگزري شين تي ود هولڊنگ ٽيڪس وڌايو ويندو، پراپرٽي سيڪٽر ۾ نان فائلرز لاءِ ود هولڊنگ ٽيڪس ٻيڻو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي
فنانس بل موجب نان فائلرز لاءِ پرائز بانڊز جي خريد ۽ وڪرو ڪندڙن تي ود هولڊنگ ٽيڪس وڌايو ويندو، پراپرٽي سيڪٽر ۾ پلاٽ جي خريد ۽ وڪري تي ود هولڊنگ ٽيڪس نان فائلرز لاءِ ٻيڻو هوندو، بجيٽ ۾ نان فائلرز جي ود هولڊنگ ٽيڪس جي شرح فائلرز جي ڀيٽ ۾ ٻيڻي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي