پگهار وڌڻ جي اندروني ڪهاڻي

جُون 12, 2025

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) چيئرمين سينيٽ ۽ اسپيڪر قومي اسيمبلي جي پگهارن ۾ وڏي واڌ جي حوالي سان هڪ نئين ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي.

ذريعن موجب چيئرمين سينيٽ ۽ اسپيڪر قومي اسيمبلي پنهنجي پگهارن ۾ پاڻ واڌ جو فيصلو ڪيو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي پگهارن ۾ سينيٽ جي هائوس فنانس ڪميٽي پاران واڌ ڪئي وئي، جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي پگهارن ۾ قومي اسيمبلي جي هائوس فنانس ڪميٽي پاران واڌ ڪئي وئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني ڪجهه مهينا اڳ سينيٽ هائوس فنانس ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي ۽ سردار اياز صادق ڪجهه مهينا اڳ قومي اسيمبلي هائوس فنانس ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي.

ذريعن موجب 4 ماڻهن جي پگهارن ۾ واڌ جو فيصلو ٻن الڳ الڳ ملاقاتن ۾ خاموشي سان ڪيو ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت جو قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي معاملن سان ڪو به واسطو ناهي. حڪومت پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن کي بجيٽ فراهم ڪري ٿي. قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ هن بجيٽ جي استعمال ۾ آزاد آهن، جڏهن ته وزيراعظم قانون موجب قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي معاملن ۾ مداخلت نٿو ڪري سگهي.

ذريعن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم معاملي جو نوٽيس ورتو آهي پر ان ۾ ڪنهن به طرح مداخلت نٿو ڪري سگهي. هو اخلاقي طور تي ٻنهي شخصيتن کي پيغام موڪلي سگهي ٿو يا ڪابينا کان پڇي سگهي ٿو، جڏهن ته ٻنهي ايوانن جي فنانس ڪميٽي ان حوالي سان فيصلو ڪري سگهي ٿي.

واضح رهي ته وزيراعظم شهباز شريف سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي پگهارن ۾ واڌ جو نوٽيس ورتو آهي ۽ رپورٽ طلب ڪئي آهي.

هوڏانهن دفاع واري وزير خواجه آصف سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ انهن فائدن ۽ پگهارن کي مالي عياشي قرار ڏنو آهي.

ياد رهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو ۽ پينشن ۾ 7 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ سينيٽ جي اسپيڪر ۽ چيئرمين جي پگهارن ۾ واڌ تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • جهول ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب پورهيت فوت

  • حيدرآباد ۾وڏي ڀاءُ هٿان ننڍو ڀاءُ قتل

  • ڀان سيد آباد ۾ حادثو، پيرسن عورت فوت

  • قاضي احمد ڀرسان ٿيل مقابلي جو ڪيس داخل