پ ٽ الف پاران ڳڙهي خدابخش کان ڪراچي تائين مارچ جوا علان 

پ ٽ الف پاران ڳڙهي خدابخش کان ڪراچي تائين مارچ جوا علان 

دوڙ (ن پ ا) پ ٽ الف جي صدر حاجي شفيع محمد سٺيو استادن جي مسئلن جي حل لاءِ ڳڙهي خدا بخش کان ڪرا چي تائين پيادل مارچ  ۽ بلاول هائوس اڳيان ڌرڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڪالهه  پ ٽ الف جي ڊويزنل ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته پرائمري استادن جي  سروس اسٽرڪچر ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ  ڳڙهي خدابخش ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي مزار کان ڪراچي تائين پيادل مارچ ڪرڻ بعد بلاول هائوس سامهون ڌرڻو هنيو ويندو، هن چيو ته ڇا فنانس کاتو سنڌ حڪومت کان ڏاڍو آهي، اهو منظور ڪيل سروس اسٽرڪچر لاءِ فنڊ نٿو ڏئي. هن چيو ته استادن کي حق ڏياري سک جو ساهه کڻندس.