پ پ اميدوارن اڪرام الله ڌاريجو ۽ ضياءُ الحسن لنجار کان ووٽرن جو پڇاڻو: وڊيو وائرل

جنوري 30, 2024

پنوعاقل/پڊعيدن(رپورٽرز) سنڌ ۾ پ پ اميدوارن کان سخت پڇاڻي وارو سلسلو جاري آهي، پنو عاقل ۾ اڪرام الله ڌاريجو ۽ پڊعيدن ۾ ضياءُ الحسن لنجار کي ووٽرن کتو جواب ڏئي ڇڏيو

پنو عاقل ۾ پ پ اميدوار اڪرام الله ڌاريجو ڪارنر گڏجاڻي لاءِ هڪ ڳوٺ پهتو ته ان موقعي تي ڳوٺاڻي اميدوار کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان اسان کي ڏنو ڇا آهي جو ووٽ وٺڻ آيا آهيو، مان توهان کي ووٽ نه ڏيندس ۽ توهان جا ٻيا ووٽ به کاريندس

ڄام اڪرام الله جي حامين پاران ڳوٺاڻي کي ڳالهائڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هو لاڳيتو ڳالهائيندو رهيو جنهن سبب ڪارنر گڏجاڻي ۾ بدنظمي پڻ پيدا ٿي وئي

ٻئي طرف پڊعيدن جي يوسي ڀانڀري جي ڳوٺ ميرانپور ۾ پي ايس 35 جي اميدوار ضياءَ الحسن لنجار کان ڪارنر گڏجاڻي دوران نوجوان پاران سوال ۽ جواب ڪيا ويا آھن، سوال ۽ جواب واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي

 وڊيو ۾ نوجوان پيپلز پارٽي پي ايس 35 جي اميدوار ضياءَ الحسن لنجار کان سوال جواب ڪندي چيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ ڪا به سهولت نه ملي آھي اسان جا اسڪول برباد، اسان جا اسپتالون برباد، روڊ رستا برباد، نه گئس ملي، نه ڪا ٻي سهولت ووٽ ڇو ڏيون؟

 هن چيو ته جڏھن ووٽ جو وقت اچي ٿو ته پيپلز پارٽي وارا اچن ٿا پوءِ وري ملڻ لاءِ تيار نه آھن، اليڪشن کان پوءِ بنگلن تي وڃون ٿا ته سندن ملازم چون ٿا صاحب ستو پيو آھي

نوجوان چيو ته اسان اوهان کي اهميت ڏيون ٿا پر اوهان پاران اسان کي اهميت نه ٿي ڏني وڃي، جنهن تي پيپلز پارٽي جي حمايتين پاران پڇاڻو ڪندڙ نوجوانن کان موبائل فون ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي

Leave A Comment