پ پ اميدوارن جو گهيرو تنگ: ووٽ وٺي غائب ٿي وڃو ٿا: بهرام ۾ نثار کهڙو ۽ نادر مگسي کان پڇاڻو

جنوري 23, 2024

بھرام(رپورٽر ) سنڌ ۾ پ پ اميدوارن جو گهرو تنگ ٿيڻ وارو سلسلو جاري آهي بهرام ۾ ڳوٺاڻن نثار کهڙي ۽ نادرمگسي کان سخت پڇاڻو ڪيو

بهرام پ پ تعلقي ميروخان جي صدر مير مخدوم مگسي جي اليڪشن ورڪ شيڊول مطابق پي ايس 15 ۽ پي ايس 14 جي  اميدوارن نادر مگسي نثار کھڙو پ پ اڳواڻن خورشيد جوڻيجو، مخدوم مگسي سان گڏجي يوسي گل محمد پهتا

پ پ اميدوارن چيچهنادر آباد ۾ درگاھ حاڪم علي شاھ تي حاضري ڀري چادر چاڙھي، جتي ڳوٺاڻن نثار کهڙي ۽ نادرمگسي کان سخت پڇاڻو ڪيو

اميدوارن بجلي، گئس، اسڪول، صاف پاڻي ۽ روڊ رستا نه ھئڻ جون شڪايتون ڪيون، ان موقعي تي ڳوٺاڻن اميدوارن کي چيو ته ھر دفعي ووٽ وٺي غائب ٿي وڃو ٿان اميدوارن ڳوٺاڻن کي خاطري ڪرائي ته هن ڀيري ووٽ ڏئي ڪامياب ڪريو،  انشاالله اوهان جي تڪ ۾ بڪين ۽ دل جي اسپتال سميت ٻيون سهولتون ڏيارينداسين

نثار احمد کھڙو گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته عوام جون شڪايتون جائز آھن،  ضلعي قمبر شھدادڪوٽ ۾ 2007،2010 ۽  2022 جي ٻوڏ ۾ گهڻو نقصان ٿيو، قومي تڪ اين اي 196  جي اميدوار پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پي ايس 15 تي مون کي ووٽ ڏئي کٽرايو ته جيئن سنڌ کي سنواريون

 پي ايس 14 تي پ پ اميدوار نادر مگسي چيو ته تعليم، صحت ۽ ڊرينيج صاف پاڻي روڊ رستا  ھتان جا وڏا مسئلا آهن جن کي حل ڪرڻو آهي

Leave A Comment