پ پ ايم اين اي بهڻ جي گهر ۾ڪروڙن جي ڌاڙي جي رڳو هڪ جوابدار جي گرفتاري ظاهر

پ پ ايم اين اي بهڻ جي گهر ۾ڪروڙن جي ڌاڙي جي رڳو هڪ جوابدار جي گرفتاري ظاهر

نوشهرو فيروز(رپورٽ: غلام شبير اڄڻ ۽ مختيار سهتو) موري مان چونڊيل پ پ ايم اين اي ذوالفقار بهڻ جي گهر ۾ڌاڙي ۾ ملوث 7رڪني گينگ جي رڳو هڪ جوابدار جي گرفتاري ظاهر، 53 لک روڪ، 120 تولا سون ۽ ٻيو سامان هٿ اچڻ جي دعويٰ، ان ڏس ۾ ايس ايس پي نوشهروفيروز روحل کوسو، ايس ايس پي بينظير آباد شبير سيٺار ۽ ايس ايس پي حيدرآباد عديل چانڊيو  پ پ ايم اين اي ذوالفقار بهڻ جي موجودگي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 27 آڪٽوبر تي ذوالفقار بهڻ جي گهر مان 7 کان وڌيڪ جوابدار 7 سئو تولن جا سونا زيور، لکين رپيا روڪ رقم ۽ ٻيو سامان کڻي ويا هئا، سنڌ سرڪار پاران جوڙيل جاچ ٽيم ڪراچي، عمرڪوٽ، سجاول، بلوچستان جي ضلع ژوب، ڪي پي ڪي جي ضلع پشاور ۽ پنجاب جي فيصل آباد، جهنگ، پاڪپتن ۽ وهاڙي ضلعن ۾ ڪارروائيون ڪيون، جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان جيسل بلوچ گينگ جي نشاندهي ڪئي، پنجاب جي شهر جهنگ ڀرسان ڪارروائي ڪري هڪ جوابدار عثمان سيال کي گرفتار ڪيو آهي، ڪارروائي دوران 53 لک رپيا روڪ ، 120 تولا( 1437 گرام )  سون، واردات ۾ استعمال ٿيل ٽويوٽا ڪرولا ڪار، لائسنس يافته 3هٿيار، ٻه ڪلاشنڪوفون ۽ هڪ پستول هٿ ڪيا آهن. پوليس موجب گرفتار ٿيل جوابدار انڪشاف ڪيو ته واردت جي ٻئي ڏينهن، سڀئي لُٽيل زيور ڳاري سون جي بارن ۾ تبديل ڪيا، پوليس موجب بين الصوبائي ٽولو پنجاب ۾ مشهور سياستدانن، سيڙپڪارن ۽ زميندارن جي حويلين ۽ بنگلن ۾ ڏوهه ڪرڻ لاءِ بدنام هو.
 

  پوليس قبر مان مئل کي جيئرو ڪيو، اميد نه هئم: بهڻ 

نوشهرو فيروز:  پ پ ايم اين اي ذوالفقار بهڻ پوليس جي ٽيم لاءِ 25لک رپيا  انعام ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو ته هاڻي فخر ڪري سگهجي ٿو ته سنڌ پوليس ڪم ڪري ٿي، هن چيو ته اسان جو ويڙهو آهي، ڌاڙو رڳو منهنجي گهر ۾ نه پر 8 گهرن ۾ لڳو هو،هن چيو ته اسانکي اميد نه هئي ته ايتري ريڪوري ٿيندي، ائين چئجي ته پوليس قبر مان مئل کي جيئرو ڪيو آھي.
 

پوليس پاران 700 مان  رڳو 120 تولا سون هٿ ڪرڻ جي دعوي!   
 نوشهرو فيروز : پيپلزپارٽي جي ايم اين اي ذوالفقار بهڻ جي گهر مان27 آڪٽوبر  تي 7 سئو تولا سون ڦر ٿيو، جنهن جي ماليت  30ڪروڙ رپيا آهي،  پوليس 700 مان رڳو 120 تولا سون  هٿ  ڪري سگهي،  جوابدار ٻڌايو ته سونا زيور ڦر ڪرڻ بعد انهن کي پگهرايو ويو هو،
 

پوليس مک جوابدار عثمان سيال کي ميڊيا کان پري رکيو!
 نوشهروفيروز: پوليس پاران مک جوابدار عثمان سيال کي ميڊيا کان پري رکيو ويو، ايس پي مير روحل کوسو مطابق  اسان اڃا انويسٽيگيشن ڪريون پيا، وڌيڪ جوابدارن جي گرفتاري ۽ رهيل سامان رڪور ڪرڻ کانپوءِ سڀني جوابدارن کي ميڊيا اڳيان پيش ڪيو ويندو.