پ پ ايم اين اي بهڻ جي گهر ۾ ڌاڙو هڻندڙ اڄ پڌرا ڪرڻ جو اعلان

پ پ ايم اين اي بهڻ جي گهر ۾ ڌاڙو هڻندڙ اڄ پڌرا ڪرڻ جو اعلان

نوشهروفيروز(رپورٽر) نوشهرو فيروز پوليس پ پ ايم اين اي ذوالفقار بهڻ جي گهر ۾ ڌاڙو هڻندڙ  جوابدارن کي اڄ منجهند هڪ وڳي ميڊيا آڏو ظاهر ڪندي، ايس ايس پي روحل کوسو پنهنجي پيج تي اھڙي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته سنڌ پوليس جي ٽيم ايم اين اي ذوالفقار علي بهڻ جي بنگلي ۾ ڌاڙي واري  ڪيس ۾ پنجاب پوليس جي تعاون سان وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، واضح رهي ته پوليس 2 ڏينهن اڳ پنجاب مان عورتن سميت ڪجهه گرفتاريون ڪيون هيون.