پ پ اڳواڻ اعجاز جکراڻي جو نوجوان پٽ لاڏاڻو ڪري ويو   

پ پ اڳواڻ اعجاز جکراڻي جو نوجوان پٽ لاڏاڻو ڪري ويو   

 جيڪب آباد/ڪراچي(نمائندن وٽان) پ پ  ايم اين اي مير اعجاز جکراڻي جو نوجوان پٽ 25سالن جو زيد خان جکراڻي بيماري سبب ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، حميديه هاءِ اسڪول ۾ جنازه ادا ڪرڻ بعد اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي، ان ڏس ۾ پ پ لاڙڪاڻو ڊويزن جي صدر ۽ ايم اين اي مير اعجاز جکراڻي جو نوجوان پٽ زيد خان جکراڻي ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو خانداني ذريعن موجب زيد خان  ڪجهه ڏينهن کان علاج هيٺ هو پر صحتياب نه ٿي سگهيو. سندس مڙهه ڪراچي کان ايمبولينس وسيلي جيڪب آباد آڻي حميديه هاءِ اسڪول اندر جنازي نماز ادا ڪئي وئي جنهن بعد اباڻي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي، هوڏانهن  مير اعجاز  جکراڻي سان صدر آصف زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو ، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، فريال ٽالپر، وڏي وزير  سيد مراد شاهه، صوبائي وزيرن شرجيل ميمڻ ، ناصر شاهه،  علي حسن زرداري ۽ ٻين ڏک جو اظهار ڪيو آهي